
Caries, dental
ڪي.ريز ـ ڊين.ٽل
اڱاري يا ڏند جي کاڌ. ڏند جي انيمل (enamel، ٻاھريون پوش) ۽ ڊينٽائين (dentine، پوش جو اندريون مادو) جي آھستي آھستي ٿيندڙ کاڌ. عام طور تي کاڌ جي شروعات ڏندن جي پٺين گسندڙ مٿاڇرن ۽ مھارن وارن ھنڌن تان ٿئي ٿي. جنھن جو مکيو سبب ڪِٺ (plaque) ھڪ چيڙھالو مادو ٿئي ٿو جنھن ۾ کاڌي جا ذرڙا، وات جي استر جا مردار سيل، پڪ جي باقيات ۽ ڏندن تي گڏ ٿيندڙ بئڪٽيريا ٿين ٿا. ذخيري ٿيندڙ کاڌي جي بئڪٽيريا سبب ٽٽڻ ڪري ھڪ تيزاب پيدا ٿي اِنيمل کي ڳاريندو وٿيون پيدا ڪري ٿو. ان تي ضابطي نه ٿيڻ سبب ڊينٽائين ڏانھن وگهريل وٿيون وڏيون ٿينديون رھن ٿيون، ممڪن ٿئي ٿو ته بئڪٽيريا ڏند جي ڪور (core) کي تباه ڪري ڇڏين. ڏند گهڻو تباه ٿي وڃي ته ڏند جو سور ۽ ساه ۾ بوءِ پيدا ڪري سگهي ٿو.
ٺپ ٺپ
ذ. زخم ، گهاءُ ، وَڍُ. ڦَٽُ. ڏنڀ جو. داغ. چُٽو ، مُهر يا ٺپي جو نشان. بَندُ ڳجهارت جو. نبض جو ڌڪ. ”پٺن مٿي ٺپ، ڏين ڏنڀ ساري ڏيل تي“. چقمق پٿر، رڪ جو ٽڪر ۽ ڪپهه وغيره ڪ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal