SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Cardiac stress test

(click word to listen sound
  • 🔊
  • kɑːdiæk
  • stris
  • tist
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Cardiac stress test

ڪار.ڊي.ئڪ ـ اِسٽريس ـ ٽيسٽ

ھن تپاس کي ڪسرت جي اي سي جي (ECG) يا ايڪسرسائيز ٽالرينس ٽيسٽ (exercise tolerance test) به سڏجي ٿو، اھو تپاسن جو ھڪ اھڙو گروپ ٿئي ٿي جن رستي انھن فردن جي دل جو ڪم ڏسي سگهجي ٿو جيڪي ڪسرت دوران ڇاتيءَ ۾ سور، ساه جي مونجهه يا دل جو دھڪو محسوس ڪن ٿا. ھن تپاس رستي ان ڳالهه جي پڪ ڪري سگهجي ٿي ته آيا مريض ڪورونري آرٽريءَ (coronary artery) جي بيماريءَ ۾ مبتلا ته ناھي. اي سي جي مشين رستي، دل جي دٻاءَ واريءَ حالت ۾ دل جي برقي ڪم جو طريقو رڪارڊ ڪجي ٿو، جيڪو عام طور تي مريض جي ٽريڊمل (treadmill) ڪسرت يا سائيڪلنگ (cycling) دوران ڪجي ٿو. ڪسرت جي سطح ۾ واڌاري ڪرڻ سان، برقي طريقن ۾ پيدا ٿيندڙ مخصوص تبديليون اَنجائنا (angina) جي نشاني ٿي سگهي ٿي. ڪارڊيئڪ اِسٽريس ٽيسٽنگ، اميجنگ طريقن جھڙوڪ: ريڊيونِيوڪليئوٽائيڊ اسڪيننگ (radionuclide scanning)، اينجِيوگرافي (angiography) يا اِڪوڪارڊيوگرافيءَ (echocardiography) سان به گڏ ڪري دل جي مشڪ جي متاثر حصن جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي. جڏھن ته ھاڻ رڳو، ڪارڊيئڪ اميجنگ تپاسن رستي دل جي ڪم جي ڇنڊڇاڻ ڪري سگهجي ٿي.


Remember Me Also:

اکين پوريو

ذ. صفت. بي ساڃاهو ، اَکِ ٻوٽُ ، بي ديدو ، بي حيا ، بي شرم. بي شُڪر ، اَحسان فراموش.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal