
برنس
ڦٽ، چٽا داغ ، ساڙ
Burns
برنس
سڙي پوڻ، ماس/ ٽشوئن جو گرميءَ، بجليءَ، ڪيميائي مادن يا شعاعن سبب لهسجي پوڻ. سڙَ جي درجيبندي چمڙيءَ کي پھتل لهس جي شدت آھر ڪجي ٿي. پھرين درجي جي سڙ (1st-degree burn) ۾ چمڙي ڳاڙھي ٿي وڃي ٿي ۽ رڳو اپيڊرمس (epidermis، چمڙيءَ جو مٿيون تھه) متاثر ٿئي ٿو. ٻئي درجي (nd-degree2) جي سڙ ۾ چمڙي گهڻيءَ گهرائيءَ ۾ ڊرمس (dermis) تائين متاثر ٿي ڦلوڪڻو پيدا ڪري وجهي ٿي. ٽئين درجي (3rd-degree) جي سڙ ۾ چمڙي سڄي گهرائپ سميت ھيٺان واري مشڪ جي تھه تائين متاثر ٿي پوي ٿي. جنھن سبب ان جي مخصوص علاج ڪرڻ ۽ چمڙي روتڻ ضروري ٿئي ٿي. بجليءَ جي سڙ سبب ماس کي گهڻو ته چمڙيءَ کي گهٽ ۾ گهٽ نقصان پھچي سگهي ٿو. ٻئي ۽ ٽئين درجي جي سڙ سبب جڏھن جسم جي مٿاڇري جو 10 سيڪڙي کان وڌيڪ متاثر ٿي پوي ته ان سبب گهڻي پاڻيٺ ضايع ٿيڻ سبب سڪتي واري حالت پيدا ٿي سگهي ٿي.
Related words with: Burns
ڪهن سان انت هئڻ
ڪنهن سان بي حد ظلم ٿيڻ ، ڪنهن جي بنهه بربادي ٿيڻ ، ڪنهن سان نسورو وَئِلُ هجڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal