SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Bulimia

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • bjulimiə

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Bulimia

بيو.لِي.ميِيا

بِيوليميِيا نرووسا (bulimia nervosa) جو عام نالو. ھڪ اھڙي بيماري جنھن ۾ گهڻي کائڻ جا دورا پون ٿا جنھن کانپوءِ عام طور تي ھٿ سان الٽي ڪجي ٿي يا گهڻا جلاب واپرائجن ٿا. ھن تڪليف جون گهڻيون متاثر ٿيندڙ 15 کان 30 سالن جي وچ عمر جون ڇوڪريون يا عورتون ٿين ٿيون. ڪن حالتن ۾ ھن جون نشانيون اينوريڪسيا نرووسا (anorexia nervosa) سان گڏ پيدا ٿين ٿيون. بار بار الٽيءَ ڪرڻ سبب جسم سوڪھڙي جو شڪار ٿئي ٿو ۽ پوٽيشم جي ضايع ٿيڻ سبب ڪمزوري ۽ ڳڍڙيون پون ٿيون ۽ الٽيءَ ۾ معدي جي تيزابيت ھجڻ سبب ڏند تباه ٿين ٿا. علاج طور کائڻ پيئڻ جي عادتن تي نظر رکڻ ۽ اھي برقرار رکڻيون پون ٿيون. ڪاگنيٽوـ بھيويريل ٿراپي (cognitive–behavioural therapy) ۽ اينٽي ڊپريسنٽ (antidepressant) دوائون شامل ٿين ٿيون.


Remember Me Also:

اڪبر

ذ. صفت. [ع. ”ڪَبِيرَ“ جو تفضيل] سڀ کان وڏو ، وڌيڪ وڏو. اسم خاص ڏڻي تعاليٰ هو هڪ صفاتي نالو ”الله اڪبر = الله سڀ کان وڏو آهي“ مشهور مُغل شهنشاه جو نالو جنهن ١٥٥٦ع کان ١٦٠٥ع تائين هندستان تي حڪومت ڪئي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal