SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Bronchitis, acute

(click word to listen sound
  • 🔊
  • bronchitis
  • əkjuːt
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Bronchitis, acute

بران.ڪاءِ.ٽس ـ اڪيوٽ

برونڪائيٽس جو ھڪ اھڙو عام قسم جيڪو اوچتو پيدا ٿي پوي ٿو پر عام طور تي ڪجهه ڏينھن ۾ ختم ٿي وڃي ٿو. اھو عام طور تي ھڪ وائرسي روڳ ٿئي ٿو. ممڪن ٿئي ٿو ته پيچيدگيءَ جي نتيجي ۾ ھوا لنگهن جو بئڪٽيريائي روڳ ٿي پوي. تماڪ ڇڪيندڙ، ابھم، پيرسن ۽ جيڪي فرد ڦڦڙن جي بيماريءَ ۾ مبتلا ھجن ٿا خاص طور تي حساس ٿين ٿا. خاص نشانيون کرٽيو، ساه جي مونجهه ۽ کنگهه ٿئي ٿي جنھن ۾ پيلو يا سائو بلغم (sputum) خارج ٿئي ٿو. سيني جي تاڪيءَ (sternum/breastbone) پٺيان سور ۽ بخر به ٿي سگهي ٿو. نشانين يا تڪليفن ختم ٿيڻ لاءِ ججهيون پاڻيٺون پيئڻيون ۽ ساه رستي ٻاڦ کڻڻي يا ھيوميڊيفائر (humidifier) استعمال ڪرڻو پوي ٿو. گهڻين حالتن ۾ تڪليف علاج نه ڪرڻ سان به درست ٿي وڃي ٿي جڏھن ته شديد برونڪائيٽس، انھن فردن لاءِ گنڀير ٿي سگهي ٿي جيڪي اڳ ۾ ئي ڦڦڙ جي تڪليف ۾ مبتلا ھجن ٿا.


Remember Me Also:

بچت

ث. پاڇي ، بقايا. رهيل رقم. بچيل شيءِ. نفعو ، فائدو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal