
Bronchiectasis
بران.ڪِي.اِڪ.ٽي.سِس
ڪنھن به ڦڦر جي اھڙي بيماري جنھن ۾ ھڪ يا گهڻيون برونڪي (ٽريڪيا مان نڪرندڙ ھوا لنگهه) غيرمعمولي طور تي ڪشاديون، ناقص ۽ بگڙيل استرن سان ٿين ٿيون. برنڪيئِڪٽاسس گهڻو عام ٻالڪپڻي دوران ٿي پوي ٿي ۽ ڪنھن دور ۾ ارڙيءَ (measles) ۽ پيرٽوسس (pertusis، کرٽيو) سان لاڳاپيل سمجهي ويندي ھئي. اھا بيماري سِسٽڪ فائبروسس (cystic fibrosis) جي به ھڪ پيچيدگي ٿئي ٿي. ھوا لنگهن ۾ ڊگهي عرصي تائين رھندڙ روڳ پاڪيٽس جي صورت ۾ رھي ٿي ۽ سائو يا پيلو بلغم (sputum/phlegm) پيدا ڪندي رھي ٿي. شديد برنڪِيئِڪٽاسس ساه جي مونجهه پيدا ڪري ٿي. عام طور تي ان جي نشانين تي اينٽيبياٽڪ دوائن ۽ پاسچورل ڊرينيج (postural drainage) رستي ضابطو ڪجي ٿو. جڏھن بيماري ڦڦڙ جي ڪنھن ھڪ حصي تائين محدود ھجي تڏھن ممڪن ٿئي ٿو ته متاثر حصي کي آپريشن رستي نيڪال ڪرڻ جي صلاح ڏجي.
تيل
ذ. [سن. تَيلَ] روغن جو ڪنهن تيلي ٻج جهڙوڪ سَرنهه، ڄانڀي وغيره مان نڪري. سڻڀي پاڻيٺ ، سڻڀ ، چڪنائي. معدني پاڻيٺ جهڙوڪ گاسليٽ، پيٽرول وغيره. هندن ۾ حامله عورت جي نائين مهيني جي موقعي تي تيل ٻارڻ جو هڪ سوڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal