
اونڌو
اونڌو، اُڀَ پيرو ( اَمُهَاڙو ڄَمُ)
Breech delivery
بريچ ـ ڊلي.و.ري
ڪنھن ابھم جو اٻتو ڄمڻ جنھن ۾ پھريان ٻنڊڻ ٻاھر اچن ٿا. ڪيترا ابھم حمل جي 32 ھفتي کان اڳ ۾ بريچ حالت ۾ ھجن ٿا ته ڪيترا 36 ھفتي دوران ڦري وڃن ٿا. انھن مان 3 سيڪڙو جيڪو ڦري نٿو سگهي اھو بريچ پريزنٽيشن جي ٽن مان ڪنھن ھڪ حالت ۾ ھجي ٿو. مڪمل بريچ (complete breech) اھا ٿئي ٿي جنھن ۾ ابھم ڪرونڊڙو ھجي ٿو. فرينڪ بريچ (frank breech) ۾ ٽنگون کليل ۽ پير منھن ڀرسان ھجن ٿا. فُٽلِنگ بريچ (footling breech) ۾ ھڪ يا ٻئي پير ڳھڻ جي مٿان ھجن ٿا. ورلي، جنھن ماءُ جو ٻار بريچ پريزنٽيشن ۾ ھجي ٿو تنھن کي حمل جي 36 ھفتي دوران پنھنجي ابھم کي ڦيرائڻ جي ھڪ طريقي جي مکياري ڏجي ٿي. عام طور تي جاڙن مان ھڪ ابھم بريچ وارو ٿئي ٿو. بريچ جي ڪن حالتن ۾ ڄڻائڻ لاءِ سيزيرين سيڪشن (caesarean section) به ڪري سگهجي ٿي.
گسڻ
سن. گهرش= لڳڻ. ٻن شين جو پاڻ ۾ لڳڻ ، گَسڪو کائڻ ، گَهٽو کائڻ ، گاٺ ٿيڻ ، گَسجڻ ، گِسرڻ ، رڳڙجَڻُ، مهٽجڻ ، رهٽجڻ ، گَهِجڻ ، مَلجڻ. سوس کائڻ ، سوڪهڙو کائڻ ، هڪ شئي ٻيءَ ڪنهن شيءِ سان لڳي لسو ٿيڻ يا سنهون ٿيڻ. گسِيو ، گسَندو، گَسِيَلُ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal