SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Breast tenderness

(click word to listen sound
  • 🔊
  • brest
  • tendənəs
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Breast tenderness

بريسٽ ـ ٽين.ڊر.نيس

ڇاتيءَ جي حساسيت کي ماسٽالجيا (mastalgia)، سورِنيس (soreness) يا ڏکندڙ (tenderness) سان به سڏجي، عام طور تي ڇاتين جي ڀريل ھجڻ جو احساس ٿئي ٿو. ڇاتين جو حساس ھجڻ يا ڏکڻو ٿي پوڻ ھڪ انتھائي عام مسئلو ٿئي ٿو. ڪيترين عورتن ۾ وقتائتو/ گردشي ٿئي ٿو، پنھنجيءَ شدت ۾ ماھواريءَ جي ڦيري سان ھارموني تبديلين سبب گهٽ وڌ ٿيندو رھي ٿو. عام طور تي ماھواريءَ کان اڳ ۾ گهڻو شديد ٿي وڃي ٿو (ڏسو، premenstrual syndrome). ٻنھي ڇاتين کي متاثر ڪري ٿو ۽ پريشانيءَ يا ڪيفِين (caffeine) وارن مشروبن سبب وڌي سگهي ٿو. ڇاتين جو ڏکڻ بي وقتائتو/ غيرگردشي به ٿي سگهي ٿو ۽ مشڪن جي تاڻ (strain) يا ڇاتيءَ جي سوڄ سبب به پئجي سگهي ٿو. ٿڃ لهڻ دوران ان جو ڪارڻ ڇاتين جو کير سان ڀرجي وڃڻ ٿئي ٿو. ورلي، ڇاتين جو ڏکڻ ڇاتيءَ جي سسٽ (breast cyst) يا ڇاتيءَ جي ڪينسر (breast cancer) سبب به ٿي سگهي ٿو. جڏھن ته ڊاڪٽر جي تپاسڻ سان ان جي اصل ڪارڻ جي ڄاڻ پئجي سگهي ٿي. وڏين ارھن واريون عورتون، ڇاتيءَ جي گردشي ۽ غيرگردشي ڏکڻائپ لاءِ گهڻيون حساس ٿين ٿيون.


Remember Me Also:

مري جهري

مَرِي جهُري

ظرف . ڪشالي سان، محنت پورهئي سان، تمام تڪليف سان، هَڄِي هَڄِي، ڪَهِي ڪَهي، مَري مَري، مصيبتون سهي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal