
سينو، ڇاتي، اُرهه، ٿڻ
ڇاتي- سينو- بُبا
Breast
بريسٽ
ڇاتي، اره، ٻن مان ڪو به ٿڻائتو غدود جيڪو عورتن کي ٻار کي پالڻ لاءِ ٿڃ مھيا ڪري ٿو ۽ عورتن جي ثانوي جنسي خاصيت ٿئي ٿي. مردن جو اره، مادي ڇاتيءَ جو ھڪ اڻ رسيل نمونو ٿئي ٿو. سامائجڻ سان ڪنھن ڇوڪريءَ جون ڇاتيون به اسرڻ شروع ڪن ٿيون: پڙو (areola) اڀري پوي ٿو ته ٻنڊيون (nipple) وڏڙيون ٿي وڃن ٿيون. ان کانپوءِ غدودي ماس ۽ ان جي وھه ۾ واڌارو ٿئي ٿو. ڪنھن نوجوان ناريءَ جي ڇاتيءَ جي وھدار ماس ۾ کير پيدا ڪندڙ غدودن جا 15 کان 20 لوب ٿين ٿا جن جا منھن ٻنڊين ۾ کلن ٿا. ڇاتين جا عمدي قسم جا تاندورا، ڇاتيءَ جي سائيز ۽ ڊول جوڙين ٿا. پڙي جي چمڙيءَ ۾ پگهر جا غدود، سيبيشس غدود ۽ وار جا فولائيڪل ٿين ٿا.
Related words with: Breast
ڳاڙهي جاگير
اسم خاص. تعلقي وارهه ۾ هڪ ديهه جو نالو.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal