SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Brainwashing

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • breinwɔʃiŋ

From the Dictionary of International Relations:

Brainwashing

برين واشنگ

سوچ مٽائڻ جو عمل

ڪن خاص مقصدن جي حاصلات لاءِ ڄاڻي واڻي ڪنهن ماڻهو کي جسماني ۽ ذهني تڪليفون يا ترغيبون ڏئي، سندس خيالن ۽ عملن کي بدلائڻ جي طريقي ۽ ڪنهن مخصوص صورتحال ڏانهن رويي تبديل ڪرڻ يا سوچ مٽائڻ واري عمل کي Brainwashing چئبو آهي. ان عمل مان لنگهندڙ شخص جي اصل سوچ يا نفسيات کي سمجهڻ، ان عمل جي ڪاميابيءَ ۾ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. آمريت پسند حڪمران اڪثر ڪري عوام کان پنهنجون پاليسيون مڃرائڻ لاءِ ميڊيائي مهم، ڪوڙي پروپيگنڊا يا نفسياتي حربن ذريعي اهو ڪم ڪندا آهن. ان کان علاوه مذهبي شدت پسند ۽ ٻيا ڪٽر نظرياتي حلقا به هن قسم جي حربي ذريعي پنهنجي پاليسين تي عمل ڪرائيندا آهن.جديد نفسيات جي ابي سگمنڊ فرائڊ پهريون ڀيرو هيءُ اصطلاح استعمال ڪيو. سندس جوڙيل نفسياتي ڏانءُ ۾ ٻئي شخص يا گروهه جي ذهن کي پنهنجي اثر هيٺ آڻي، گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي


Remember Me Also:

وقف

وَقفُ جمع وَقفَ

ذ . (ع. وقفَ= هو بيٺو). ڪنهن جڳهه تي بيهڻ. خبردار هئڻ، ڄاڻڻ. اها شيءِ جا ڪنهن جي ملڪيت نه هجي، خدا جي راهه ۾ ڏنل ملڪيت، بخشيل ملڪيت، اُها ملڪيت جا ڪنهن ماڻهو خيراتي ڪمن ۾ لڳا؟ڻ لاءِ مقرر ڪئي هجي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal