SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Brainstem

(click word to listen sound
  • 🔊
  • brainstem
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Brainstem

بِرين.اسٽيم

تنتي ٽشوءَ جي ڏانڊيءَ جيڪا مغز جو بلڪل ھيٺيون حصو جوڙي ٿي ۽ مغزي ڏوريءَ سان ڳنڍيل ٿئي ٿي. برين اسٽيم جزوي طور تي ھڪ ھاءِ وي جيان پيغام مغز ۽ مغزي ڏوريءَ جي مختلف حصن ڏانھن موڪليندو رھي ٿو. ڪوپراٽيءَ (cranial) جي 12 مان 10 جوڙين کي تنتن سان ڳنڍي ٿو (جيڪي سڌيون دماغ جي ھيٺين حصي مان نڪرن ٿيون) ۽ جسم جي ڪيترن بنيادي ڪمن جھڙوڪ: ساه کڻڻ، الٽي، اکين جي رفليڪسن ۽ دل جي رفتار تي ڪنٽرول ڪري ٿو ۽ گهڻي ڀاڱي خود مختيار طور تي ڪم ڪري ٿو. برين اسٽيم جا مکيا ٽي حصا ٿين ٿا: مڊ برين (midbrain)، پونس (pons) ۽ ميڊولا (medulla). مڊ برين ۾ ڪوپراٽيءَ جي 3 ۽ 4 تنتن جون نيوڪليائي (nuclei/nerve-cell centres) ٿين ٿيون ته ان سان گڏ ٽنگن ٻانھن جي چرپر ۾ رابطي پيدا ڪرڻ لاءِ سيل جا جهنڊ به ٿين ٿا. پونس ۾ تنتي تاندورا ٿين ٿا جيڪي ننڍي مغز (cerebellum) سان ڳنڍيل ٿين ٿا ته ڪوپراٽيءَ جي 5 ـ 8 تنت جو گهر به ٿين ٿا. ميڊولا ۾ ڪيپراٽيءَ جون 9 ـ 12 تنتون ٿين ٿيون ته تنتي سيلن جي گروپن جا ”انتھائي اھم مرڪز“ (vital centres) به ٿين ٿا جيڪي دل جي دھڪي، ساه کڻڻ، بلڊ پريشر، ھاضمي تي ضابطو رکن ٿا ۽ انھن بابت معلومات ڪوپريءَ جي 10 تنت رستي (ڏسو، vagus nerve) موڪليندا رھن ٿا. برين اسٽيم جي تنتي سيل جي گروپن کي مجموعي طور تي ريٽيڪيولر فارميشن (reticular formation) سڏجي ٿو، دماغ جي اعليٰ مرڪزن کي حسي محرڪن لاءِ ھوشيار ڪندا رھن ٿا جيڪي شعوري موٽ لاءِ گهربل ٿي سگهن ٿا. اسان جي ننڊ/جاڳ جو ڦيرو به ريٽيڪيولر فارميشن جي ضابطي ھيٺ رھي ٿو.


Remember Me Also:

جهنبڻ

مصدر. ف. جُنبيدَن چُهٽي وڃڻ ، چنبڙي وڃڻ ، لڳي وڃڻ ، جُنبِي وڃڻ ، ڄَمي وڃڻ ، جُنبَڻُ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal