
Botulism
با.چو.لزم
ھڪ ورلي پر سنگين قسم جو زھر جيڪو درست طريقي سان دٻن واري کاڌن کي بند نه ڪرڻ يا سانڍيل کاڌن ۾ بيڪٽيريم، ڪلوسٽريڊيم بوٽولينيم (Clostridium botulinum) جي پيدا ٿيڻ سبب پيدا ٿئي ٿو. ان زھر سبب مشڪن جي وڌندڙ فالج سميت مرڪزي ۽ پيريفيرل تنتي سرشتي جا ڪيترا مسئلا پيدا ٿي پون ٿا. ڪلوسٽريڊيم بوٽولينيم اھڙا تخم پيدا ڪري ٿو جن ۾ ٽھڪڻ (boiling)، لوڻڻ (salting)، واسڻ (smoking) ۽ ڪن قسمن جي سانڌاڻڻ (pickling) لاءِ مزاحمت ھجي ٿي. اھي تخم رڳو ھوا جي غيرموجودگيءَ ۾، دٻن وارن کاڌن ۽ درست طريقي سان نه سانڍيل کاڌن ۾ واڌ ڪري سگهن ٿا. انھن زھرن جي معمولي مقدار واپرائڻ سان به شديد وائي ٿي سگهي ٿي. انھن جون شروعاتي نشانيون 8 کان 38 ڪلاڪن اندر پيدا ٿين ٿيون جن ۾ ڳيت ڏيڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ تڪليف ٿيڻ، الٽي ٿيڻ، ٻٽي ديد پوڻ شامل ٿين ٿيون. ان سبب ترت علاج ڪرائڻ ضروري ٿئي ٿو. ابھمن ۾، بيڪٽيريم سبب ڪنھن غليظ کاڌي جھڙوڪ: ماکي کائڻ کانپوءِ جسم اندر ان جو زھر پيدا ٿي سگهي ٿو (وڌيڪ ڏسو، food poisining).
وڱر سڱر
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal