
Bone cancer
بون ـ ڪينسر
ھڏي جي ھاڃيڪار (malignant) واڌ جيڪا ممڪن آھي ته ھڏي مان ئي ٿي ھجي (پرائمري بون ڪينسر primary bone cancer) يا گهڻي عام جسم جي ڪنھن ٻئي ھنڌ تان پيدا ٿي وگهري ھجي (سيڪنڊري يا ميٽا اسٽيٽڪ بون ڪينسر secondary/metastatic). ھڏي جي پرائمري ڪينسر ورلي ٿئي ٿي. انھن ۾ گهڻي عام آسٽيوسارڪوما (osteosarcoma) قسم جي ٿئي ٿي. ٻين قسمن ۾ ڪونڊروسارڪوما (chondrosarcoma) ۽ فائبروسارڪوما (fibrosarcoma) ٿين ٿيون. ھڏي جي ڪينسر، ھڏي جي مک مان به پيدا ٿي سگهي ٿي (ڏسو، multiple myeloma and leukaemia). ھڏي جي پرائمري ڪينسر جي علاج جو مدار ان ڳالهه تي ٿئي ٿو ته ھڏي ۾ ڪينسر ڪيتريءَ حد تان وگهري چڪي آھي. جڏھن ھڏي تائين محدود ھجي ٿي تڏھن ممڪن ٿئي ٿو ته اھو ڪٽي ڇڏجي، اھو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته ڪينسر خارج ڪري نقص کي بون گرافٽ (bone graft) يا پراسٿيسس (prosthesis) رستي ڀري ڇڏجي. ريڊيوٿراپي (radiotherapy) يا ڪيموٿراپي (chemotherapy) ٻنھي قسمن جي علاج ڏيڻ جي به ضرورت ٿي سگهي ٿي.
لافون هڻڻ
ڍيڪ ڏيڻ ، لٻاڙون هڻڻ ، گپ شپ ڪرڻ ، ٻٽاڪون هڻڻ ، ڊاڙون هڻڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal