
Blood products
بِلڊ ـ پرا.ڊڪٽس
جڏھن عطيي ۾ مليل رت کي ان جي مختلف حصن ۾ ورھايو وڃي: ڳاڙھا سيل (red cells)، اڇا سيل (white cells)، ريزا (platelets) ۽ رتاب (plasma) (ڏسو، blood donation). رت جي ھر حصي جي پنھنجي مخصوص زندگي ۽ استعمال ٿئي ٿو. ليوڪوڊِپليٽيڊ (leukodepleted، جنھن رت مان پلازما ڪڍي ڇڏجي) ڳاڙھا سيل انھن مريضن جي علاج لاءِ استعمال ٿين ٿا جن کي شديد رتھير ٿئي ٿي يا رت جي پوڻائيءَ (anaemia) جا پراڻا قسم ٿين ٿا ۽ ابھم ھيمولائيٽڪ ڊزيز آف د نيوبارن (haemolytic disease of newborn) جو شڪار ٿين ٿا. رت جا ريزا، عطيي طور انھن فردن کي ڏئي سگهجن ٿا جن ۾ رت ڄمڻ جا نقص ٿين ٿا. جن مريضن کي موتمار قسمن جا روڳ ٿين ٿا تن جو گرينيولوسائيٽن رستي علاج ڪري سگهجي ٿو جيڪي ھڪ قسم جا اڇا سيل ٿين ٿا. تازي يخايل پلازما يا رتاب رستي رتھير جي ڪيترن نقصن جو علاج ڪري سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته منجهس رت ٻجهائيندڙ سڀ عنصر موجود ٿين ٿا. نج البيومن (albumin) مان تيار ڪيل شين رستي نيفروٽڪ سنڊروم (nephrotic syndrome) ۽ جيري جي پراڻين بيمارين جو علاج ڪري سگهجي ٿو.
هنچڙ
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal