
بلڊ ڪلاٽنگ
رت دڳجڻ، رت ڄمڻ Process through which blood clots
Blood clotting
بِلڊ ـ ڪلا.ٽنگ
رت جي ڄمڻ جو عمل. نقصان پھتل رت نلين مان رتھير (bleeding) جو دڳ جي صورت ۾ ڄمي بند ٿيڻ ضروري ٿئي ٿو. جڏھن ته، مکيو رت نلين ۾ رت جو ڪو اڻ گهربل دڳ پيدا ٿي مايوڪارڊيئل انفارڪشن/ ھارٽ اٽئڪ (myocardial infarction) يا فالج (ڏسو، thrombosis) پيدا ڪري سگهي ٿو. جڏھن ڪنھن رت نليءَ کي ڇيھو رسي ٿو ته اھا ھڪدم سوڙھي ٿي ان حصي ڏانھن رت جي رسد گهٽائي ڇڏي ٿي. ڇيھي سبب ڪيترن ئي ردعملن جو ھڪ سلسليوار عمل شروع ٿي دڳ پيدا ڪري ان زخم کي بند ڪري ڇڏي ٿو. ان لاءِ سڀ کان پھريائين، ڇيھي واري ھنڌ جي چوگرد وارا پليٽِيليٽس يا رت جا ريزا متحرڪ ۽ چيڙھالا ٿي متاثر رت نليءَ جي ڀتين سان چنبڙي پون ٿا. پوءِ متحرڪ ٿيل رت جا ريزا ڪيميائي مادا خارج ڪن ٿا جن جي موٽ ۾ رت ڄمائيندڙ عنصر چست ٿي وڃن ٿا. انھن عنصرن سميت وٽامن ڪي (K)، فائبِرينوجن (fibrinogen) تي عمل ڪري ان کي فائبرن (fibrin) ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿي. فائبرن جا تاندورا ھڪ اھڙو ڄار پيدا ڪن ٿا جنھن ۾ رت جا ڳاڙھا سيل ڦاسي دڳ ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا.
امم
ث. [ع. اُمهَ جمع اُمَم] اُمتُون ، قومُون.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal