SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Biliary cirrhosis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • biliary
  • sirousis
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Biliary cirrhosis

بل.ي.ئري ـ سِ.رو.سِس

جيري جي سِروسِس جو ورلي ٿيندڙ نمونو جيڪا پتي جي نلين جي مسئلن يا آٽواِميون ڊسئارڊر (autoimmune disorder) جنھن کي پرائمري بِلييري سروسس سڏجي يا ڊگهي عرصي کان ٻنج سبب پيدا ٿي ھجي. پرائمري بِلييري سروسس گهڻي ڀاڱي وچولي عمر جي عورتن کي متاثر ڪري ٿي ۽ سمجهجي ٿو ته اِميون سرشتي جي ناقص ڪم سان لاڳاپيل ٿئي ٿي. سيڪنڊري بِلييري سِروسِس ڊگهي عرصي کان رھندڙ پتي جي نليءَ جي ٻنج يا بِلييري ايٽريسيا (biliary atresia) سبب ٿي پوي ٿي. ٻنھي قسمن ۾، ڪوليسٽِيسس (cholestasis، پت جو جيري ۾ گڏ ٿيڻ) سبب جيري جي ڪم ۾ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو. پرائمري بِلييري سِروسس ۾ جيري جون اندريون پتي جو نليون سوزشي ٿي تباه ٿي وڃن ٿيون. نشانين ۾ خارس، يرقان (jaundice)، جيري جو وڌي وڃڻ ورلي پيٽ جو سور، سڻڀا دست ۽ زينٿوميٽوسس (xanthomatosis) شامل ٿين ٿا. آسٽيوپوريسس (osteoporosis) به پيدا ٿي سگهي ٿي. ڪيترن سالن کانپوءِ جيري جي سِروسس ۽ جيري جي ڪم نه ڪري سگهڻ جون نشانيون پيدا ٿي سگهن ٿيون. دوائن سان پيچيدگيون گهٽائي ۽ تڪليفن کي ختم ڪري سگهجي ٿو. عمر ڀر شفا جو مدار رڳو جيري پيوند ڪرائڻ (liver transplant) تي ٿئي ٿو. سيڪنڊري بِلييري سِروسس جون تڪليفون ۽ نشانيون پيٽ جو سور ۽ ان جو ڏکڻو ٿي پوڻ، جيري جو وڌي وڃڻ، بخار ۽ سياٽو محسوس ڪرڻ ۽ ورلي رت جون غيرمعمولي ڳالهين جو پيدا ٿيڻ ٿين ٿيون. ان جو علاج ساڳيو نلين جي ٻنج وارو ٿئي ٿو.


Remember Me Also:

گهس ڦس ۾

. ظرف. ڌيري ، آهستي ، ڳجهه ڳوهه ۾ ڪيل ڳالهه.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal