
بائل ڊڪٽ
پتي جي نالي، صفرا نالي، پتي جي رس نالي
Bile duct
بائيل ـ ڊڪٽ
ڪا به اھڙي نلي جنھن رستي پت، جيري مان پھريائين پتي ۽ پوءِ ڊيوڊينم (ننڍي آنڊي جي پھرين حصي) ڏانھن نيئي وڃي ٿي. پتي جي نلين جو سرشتو نلين جو ھڪ ڄار جوڙي ٿو. جن مان ننڍيون نليون ڪينانيڪيولي (canaliculi) جيري جي سيلن جي چوگرد ٿين ۽ پت گڏ ڪن ٿيون، ڪينانيڪيولي پاڻ ۾ ملي وڏڙين سائيزن جون نليون جوڙين ٿيون. جيري مان نڪرندڙ نليون ٻه ھيپيٽڪ نليون (hepatic duct) جيري اندر يا ان کان ٻاھر ملي ھڪ ڪامن ھيپيٽڪ نلي جوڙين ٿيون. ھيپيٽڪ ڊڪٽ (hepatic duct) پتي ۾ شاخون ٿي وڃي ٿي، جتان ڪامن ھيپيٽڪ ڊڪٽ ڪامن بائيل ڊڪٽ جو روپ وٺي ڊيوڊينم ۾ ھلي وڃي ٿي (وڌيڪ ڏسو، biliary system; colestyramine).
Related words with: Bile duct
کڻ
ث . سن . ڪشڻ گهڙي ، پَلَ ، لحظو ، دم ، ويرم ، کِن ، پَلڪ ، اک ڇِنڀ ، اک پور پَٽ ، ٿورو وقت ، اُڇت ، انهيءَ دم . ميراڻ ، ميرائي ، پاڻيءَ يا تيل جي ڪنهن ٿانو ۾ يا زمين تي ٻڌل اڇ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal