SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Beriberi

(click word to listen sound
  • 🔊
  • beriberi
  • )

From the English to Sindhi Dictionary:

Beriberi

جلندر جهڙو هڪ مرض


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Beriberi

بيرِي.بيرِي

غذا ۾ ٿايامن (وٽامن بي1) جي کوٽ سبب پيدا ٿيندڙ بيماري. ٿايامن کانسواءِ دماغ، تنتون (اعصاب) مشڪون (دل جي مشڪن سميت) درست طريقي سان ڪم ڪرڻ لائق نٿا رھن. اسريل ملڪن ۾ ھيءَ بيماري رڳو انھن فردن ۾ ڏٺي وڃي ٿي جيڪي بک ڪاٽين ٿا يا انتھائي مخصوص غذا تي پلجن ٿا جھڙوڪ: الڪوحل. ھن بيماريءَ جا ٻه قسم ٿين ٿا. خشڪ بيري بيري (dry beriberi) ۾، ٿيامين جي کوٽ خاص طور تي تنتن ۽ ھڏائين مشڪن کي متاثر ڪري ٿي جنھن جون نشانيون سُتجَڻ (numbness)، ٽنگن ۾ ساڙي جو احساس ۽ مشڪن جو ڳرڻ ٿئي ٿو. شديد حالتن ۾ مريض مڪمل طور تي مفلوج، ڳري بستري ڀيڙو ٿي وڃي ٿو. تَر بيري بيري (wet beriberi) ۾ وڏو مسئلو دل جي فيل ٿيڻ جو ٿئي ٿو جنھن سبب ٽنگن ۾ ايڊيما (oedema) ته ورلي ڍڍر ۽ منھن به ان ۾ متاثر ٿي پون ٿا. تَر بيري بيري جون ٻيون نشانيون نالي ماتر بک لڳڻ، نبض جو تيز ھلڻ ۽ ساه جي مونجهه پيدا ٿئي ٿي. بيري بيري جو علاج ٿائمين سان ڪجي ٿو.


Remember Me Also:

ٽڪي چڙهڻ

هارَ کائڻ ، ڪنهن ڳالهه کي مَڃڻ ، لِنڊُ اچڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal