SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Basal cell carcinoma

(click word to listen sound
  • 🔊
  • beisɔːlt
  • sel
  • kɑːsinoumə
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Basal cell carcinoma

بي.سل ـ سيل ـ ڪارسينوما

چمڙيءَ جي ڪينسر جو ھڪ قسم جنھن کي روڊينٽ السر (rodent ulcer) يا بي سي سي (BCC) جي نالي سان به سڏجي، گهڻي عام منھن يا ڳچيءَ تي ٿي پوي ٿي. ھڪ ننڍڙي، تراکڙي ڳوڙھيءَ جيان اڀري آھستي آھستي تراکڙيءَ السر جي صورت ۾ پيدا ٿئي ٿي جنھن جا ڪنارا موتين جھڙا اڀريل ٿين ٿا. بيسل سيل ڪارسينوما جو ڪارڻ، سج جي الٽراوايوليٽ ڪرڻن سبب چمڙيءَ جو تباه ٿيڻ آھي. جنھن ۾ 50 سالن جي عمر کان مٿي سفيد چمڙيءَ وارا فرد عام طور تي شڪار ٿين ٿا، گهري ۽ ڪاريءَ چمڙيءَ وارن فردن ۾ چمڙيءَ جي ميلانن (melanin) پگمينٽ ججهي مقدار ۾ ھجڻ سبب بچيل رھن ٿا. ھن ڪينسر جي خطري کان بچڻ لاءِ سج ۾ گهڻو وائکو نه ٿيڻ، سن اسڪرين (sunscreens) استعمال ڪرڻ، بچاءَ جون پوشاڪون پائڻ ۽ اس کان بچاءَ لاءِ ٽوپلا پائڻ گهرجن. علاج نه ٿيڻ سبب ڪارسينوما آھستي آھستي آسپاس جي ماس کي تباه ڪري ڇڏي ٿي ته جسم جي ٻين حصن ڏانھن بنھه نٿي وگهري. علاج لاءِ ڪرايوٿراپي (cryotherapy)، ٽاپيڪل ڪيموٿراپي (topical chemotherapy)، سرجري يا ورلي حالتن ۾ ريڊيوٿراپي (radiotherapy) ڪئي وڃي ٿي جنھن سان مڪمل شفا ٿئي ٿي. ممڪن ٿئي ٿو ته پلاسٽڪ سرجري به ڪئي وڃي جنھن جو مدار ڪينسري ڳوڙھيءَ جي ھنڌ ۽ سائيز تي ٿئي ٿو. جن فردن کي اڳ ۾ بيسل سيل ڪارسينوما ٿي چڪي ھوندي آھي تن کي نيون ڳوڙھيون پيدا ٿي سگهن ٿيون تنھنڪري چمڙيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ ڪنھن به تبديليءَ لاءِ خبردار رھڻ گهرجي (وڌيڪ ڏسو، melanoma, malignant; squamous cell carcinoma, sunlight, adverse effects of ).


Remember Me Also:

مينهوڳي

مينهوڳي جمع مِينهوڳيُون

ث . مينهن جي موسم، برسات، بارش، مينهن.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal