
Barium X-ray examinations
بير.ي.ئم ـ ايڪسري ـ اگز.ام.ني.شن
معدي ۽ کاڄ ناليءَ /آنڊي (gastrointestinal) جي ڪن نقصن لهڻ ۽ انھن جي پوئواري ڪرڻ جا طريقا. جيئن ته ايڪسري بيريم مان گذري نٿا سگهن ان سبب عضون جھڙوڪ: معدي جا خاڪا حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪجن ٿا جيڪي عام طور تي ايڪسري رستي ڏسي نٿا سگهجن. ڪن حالتن ۾ بيريم ايڪسري اينڊواسڪوپيءَ جو نعم البدل ٿئي ٿي (جيتوڻيڪ عام طور تي اينڊواسڪوپي جاچ جو اھميت وارو طريقو سمجهيو وڃي ٿو). بيريم سلفيٽ پاڻيءَ سان ملائي کاڄ ناليءَ جي ان حصي مان گذاري وڃي ٿي جنھن جي جاچ ڪئي وڃي ٿي پوءِ ان جي ايڪسري ڪئي وڃي ٿي. بيريم ايڪسري سنگل يا ڊبل ڪنٽراسٽ به ڪڍي سگهجي ٿي. سنگل ڪنٽراسٽ ايڪسري ۾، انھن حصن جن ۾ غيرمعمولي ڳالهيون ھجن ٿيون تن جا بيريم چٽائپ سان عڪس ظاھر ڪري وجهي ٿي. ڊبل ايڪسري ۾ بيريم، نالي جي اندرين مٿاڇري تي ھڪ سنھو تھه پيدا ڪري ٿي ۽ نالي ھوا سان ڀريل ھجي ٿي جنھن سبب مٿاڇري واريون غيرمعمولي ڳالهيون واضح ٿي پون ٿيون. بيريم ايڪسري تپاس جا مختلف طريقا استعمال ڪري معدي ـ آنڊي جا مختلف حصا تپاسيا وڃن ٿا. لُڪي تپاسڻ لاءِ بيريم جو ڳار پيئڻو پوي ٿو. بيريم مِيل رستي لڪي جو ھيٺيون حصو، معدو ۽ ڊيوڊينم جاچيا وڃن ٿا. بيريم جي گذرڻ سان ننڊي آنڊي جا نقص جاچبا وڃن ٿا، وقفي وقفي سان جيئن جيئن بيريم آنڊي ۾ رسندي وڃي ٿي ته ان حصي جا ايڪسري به ڪڍيا وڃن ٿا. بيريم اَنيمِيا رستي وڏي آنڊي ۽ سفري جا نقص جاچيا وڃن ٿا، ان لاءِ بيريم ھڪ نلڪيءَ رستي سفري مان وڌي وڃي ٿي. آنڊي ۾ رھجي ويل بيريم قبضي به ڪري سگهي ٿي. تنھنڪري بيريم رستي تپاس ڪرائڻ کانپوءِ تيستائين گهڻي تاندوري وارو کاڌو کائڻ ۽ جهجهو پاڻي پيئڻ ضروري ٿئي ٿو جيستائين سڄي بيريم خارج ٿي نٿي وڃي.
بڙ، بڙهه
ث. [هه. بَڙائي] اجائي وَڏائي ، ٽيڳر. اجائي بڪ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal