
Ballon catheter
بي.لون ـ ڪي.ٿي.ٽر
ھڪ اھڙي لچڪدار نلي جنھن جي منھن تي ڦوڪڻو ٿئي ٿو جڏھن ڦوڪجي ٿو ته نلي پنھنجيءَ جاءِ تي رھي ٿي يا ڪنھن عضوي يا نليءَ تي دٻاءُ برقرار رکي ٿي. انھن مان ھڪ قسم، مثاني مان پيشاب خارج ڪرڻ لاءِ استعمال ڪجي ٿو (ڏسو، catheterization, uribary). ورلي، بئلون ڪيٿيٽرن رستي سوڙھين شريانن کي موڪرو ڪجي ٿو (ballon angioplasty). آپريشن ڪرڻ کان اڳ ۾ اھي ايسوفيجيل ويريسز (oesophageal varices) جي رتھير روڪڻ لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو.