طاقت جو توازن
بئلنس آف پاور
طاقت جو توازن
دنيا جي هر رياست پنهنجن اهم مفادن ،حقن ۽ مراعتن کي جنگ ۽ امن ذريعي مڙني طريقن سان محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي . ان ڪري اها ايتري طاقت رکڻ لاءِ ڪوشس ڪري ٿي ، جنهن سان سندس علائقو ، آزادي ، سلامتي ۽ معاشي ، سياسي ۽ سماجي سرشتا بهتر رهن . اهڙي طرح ڪا به رياست پنهنجي سگهاري وجود کي مُخالف رياست جي آڏو برابريءَ جي حيثيت ۾ برقرار رکڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ طاقتور ٿيڻ تي زور ڏئي ٿي . ان صورتحال کي ”طاقت جو توازن“ پيدا ڪرڻ جو نالو ڏئي پنهنجو بچاءُ يا ڦهلاءُ ڪري ٿي . سياسي لحاظ کان اهو اصطلاح هڪ اهڙي بين الاقوامي نظام جو ڏس ڏئي ٿو ، جنهن ۾ رياستن کي لڳ ڀڳ هڪ جيتري طاقت حاصل هجي، ته جيئن هڪ رياست ٻيءَ رياست مٿان اڳرائي نه ڪري سگهي ۽ نه ئي غالب هجڻ جو احساس ڏياري سگهي . ’طاقت جو توازن ‘هڪ ملڪ يا ملڪن جي گروهه هٿان ٻئي ملڪ يا ملڪن جي گروهه مٿان عالمي معاملن ۾ پنهنجي مرضي مڙهڻ کان روڪيندو آهي . ڇاڪاڻ جو طاقت جيڪڏهن ڪنهن به هڪ رياست تائين محدود هوندي ، ته اها هر صورت ۾ ٻين تي فيصلا مڙهڻ لڳندي . ”طاقت جو توازن“ اهڙي صورتحال کي روڪيندو آهي. مثال طور: آمريڪا ۽ اڳوڻي سوويت يونين جي وچ ۾ ائٽمي لڙائي نه ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب هي به هو ته ٻنهي ملڪن کي جوابي طاقت جي استعمال جي نتيجي ۾ پهچندڙ زبردست نقصان جو اندازو هُئو. ”طاقت جو توازن“ هيٺين اُهڃاڻن مان پرکي سگهجي ٿو . (1) اهو مسلسل تبديل ٿيندو رهي ٿو . (2) ان جي حاصلات آسمانن کان نه پر ماڻهوءَ جي جاکوڙ جو نتيجو آهي . (3) ان ۾ ’ساڳيائپ‘ (satus quo) برقرار رهي ٿي ، پر پاليسيون پوءِ به تبديل ٿينديون رهن ٿيون . (4) اهو ڪڏهن به حقيقي روپ ۾ برقرار نه ٿو رهي . ان جي آزمائش جنگ جي صورت ۾ پرکي سگهجي ٿي . جيڪڏهن جنگ لڳي ٿي ، ته ان جو مطلب ته ’طاقت جو توازن ‘ موجود نه آهي . (5) ان ۾ تاريخ- دان جي معروضيت ۽ مدبر جي داخليت ٻنهي لاءِ مڃتا آهي . ’طاقت جي توازن ‘ جا ٽي هيٺيان مُک نمونا ٿيندا آهن . (الف)- سادو يا ڳُوڙهو (ب)مقامي، علاقائي يا عالمي (ج) سخت يا لچڪدار .ان جي حاصلات اتحادن ۽ جوابي اتحادن ، ورهاڱي ، معاوضي ، هٿيارسازي يا هٿيارن تي پا بندي ،مداخلت يا جنگ ، ويڙهايو ۽ حُڪومت ڪريو واري پاليسي ، مهاڙ وارين رياستن جي قيام ۽ جوابي طاقت جي اظهار سان ٿي سگهندي آهي .هن تصور جو جديد بنياد سورهين صدي عيسويءَ ۾ پيو ۽ ’برنارڊو روسيلان‘ (1514ع -1449ع) ۽ ’نڪولو ميڪياويلي‘ (1527ع -1467ع) کي ان جو بنياد ڪار سمجهيو وڃي ٿو
اولادي
ذ. صفت. اولاد وارو ، ٻارن ٻچن وارو ، ٻچڙيوال ، عيالي.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal