
چيلهه جو سور
Backache
بيڪ.ايڪ
پٺيءَ خاص طور تي چيلهه جي ھيٺين حصي جو سور. پٺيءَ کي متاثر ڪندڙ سور عام طور تي چرپر گهٽائي ڇڏي ٿو، رڳو ھڪ اڌ ھفتي تائين ھلي ٿو ته ڪن فردن کي اٿلي به ٿي پوي ٿو. پٺيءَ جو ھيٺيون حصو خاص طور تي اھڙن مسئلن لاءِ حساس ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته جسم جي گهڻي وزن کي سھائتا ڏئي ٿو ۽ سدائين چرپر ڪندي رھڻ سبب دٻاءَ ۾ رھي ٿو جھڙوڪ: نوڙڻ، ڦرڻ گهڙڻ ۽ انگهجڻ. پٺيءَ جي ھيٺين حصي جي گهڻ گهٽ پوندڙ سور جو ڪارڻ ڪرنگهي جي ڪنھن اندرين نقص ڪري ٿي سگهي ٿو جھڙوڪ: ڊسڪ جو ٿڙي وڃڻ (prolapsed disc). ڪيترين حالتن ۾ پٺيءَ جي سور جو علاج سور گهٽائيندڙ عام دوائن (ڏسو، )، نان ـ اسٽيروائيڊل اينٽي انفلِميٽري دوائن يا مسل رليڪسنٽ (muscle relaxants) دوائن سان ڪري سگهجي ٿو. پر جي سور برقرار رھي ته گرم ڪپڙي جي ٽاڪور، گرم پاڻيءَ جي بوتل ڪپڙي ۾ ويڙھي يا ورلي برف جي ٽڪرن سان به واڌو فائدو ٿي سگهي ٿو. عام طور تي اھائي صلاح ڏني وڃي ٿي ته جيترو سور سبب ممڪن ٿي سگهي چست رھجي. جن فردن جو سور بدتر ٿي وڃي ٿو يا شديد رھي ٿو جو ڪيترن ڏينھن کانپوءِ عام رواجي طرح سان چرپر ڪري سگهجي ٿي تن کي ڊاڪٽر سان صلاح ڪرڻ گهرجي.
دک ڏيڻ
تڪليف پهچائڻ ، ستائڻ. آزارڻ ، ايذاءُ پهچائڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal