اَيڪسز آف اِيول
شيطاني مدار
هيءُ اصطلاح اڳوڻي آمريڪي صدر جارج واڪر بُش، 29 جنوري 2002ع تي ”اسٽيٽ آف دي يونين خطاب“ دوران پهريون ڀيرو استعمال ڪيو ۽ بعد ۾ پنهنجي صدارتي مُدي دوران مسلسل ورجائيندو رهيو. هن اصطلاح ذريعي صدر بُش اُنهن حُڪومتن جي نندا ڪئي، جيڪي دُنيا ۾ دهشت گردي وڌائڻ ۽ نيوڪليائي ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ ۾ اڳڀريون هُيون ۽ سندن انهيءَ رويي سبب عالمي امن کي سخت خطرو درپيش هو. جيتوڻيڪ بُش حُڪومت طرفان ”شيطاني مدار“ ۾ بُنيادي طور ايران، عراق ۽ اُتر ڪوريا جي حُڪومتن کي شامل ڪيو ويو هو، پر شام طرف جارحيت ڀريو رويو، ڪيوبا ۽ وينزوويلا جي حُڪومتن مٿان ٿيندڙ تَبرن جي سلسلي کي ذهن ۾ رکندي، بين الاقوامي تعلقات جا ماهر انهن مُلڪن کي پڻ بُش انتظاميا جي مٿين وضاحت تحت ڏسندا آهن. هن آمريڪي پاليسيءَ جي نتيجي ۾، دُنيا ۾ آمريڪا مُخالف جذبن ۾ تمام گهڻي تيزي آئي
راج اسٿان
ذ. [سن. راجن + اسٿان = جاءِ] شاهي محل – قصر سلطاني. دارالحڪومت – تخت گاهه – گاديءَ جو هنڌ – درالسلطنت.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal