
Autonomic Nervous System
آٽو.نو.مڪ ـ نروس ـ سسٽم
تنتي سرشتي (nervous system) جو اھو حصو جيڪو جسم جي مختلف حصن جي ٽشوئن جي غيرارادي سرگرمين تي ضابطو رکي ٿو. ان جي سمپٿيٽڪ (sympathetic) ۽ پيراسمپٿيٽڪ (parasympathetic) تنتي سرشتي ۾ ورھاست ڪجي ٿي. سمپٿيٽڪ تنتي سرشتي ۾ تنتن جون ٻه لڙھيون شامل ٿين ٿيون جيڪي مغزي ڏوريءَ کان جسم جي سڀني ٽشوئن ۾ ھليون وڃن ٿيون. انھن ٽشوئن ۾ تنتن جو پڇڙيون نيوروٽرانسمِٽر (neurotransmitters) ايڊرينيلائين (adrenaline) ۽ نارايڊرينيلائين (noradrenaline) خارج ڪن ٿيون. اھو سرشتو، اڊرينل غدودن مان ايڊرينيلائين خارج ڪرڻ کي پڻ متحرڪ ڪري ٿو. عام طور تي سمپٿيٽڪ تنتي سرشتي جا ڪم جسم ۾ سرگرمين کي وڌائڻ، دل جي ڌڙڪي ۽ ساه کڻڻ جي رفتار کي تيز ڪرڻ، رت نلين کي موڪرو ڪرڻ ۽ پگهر پيدا ڪرائڻ ٿئي ٿو. پيراسمپٿيٽڪ تنتي سرشتو انھن تنتي جي لڙھين جو ٺھيل ٿئي ٿو جيڪي دماغ کان ٻيون ھيٺين مغزي ڏوريءَ کان نڪرن ٿيون. اھي تنتون انھن ساڳين ٽشوئن ۾ ورھائجي وڃن ٿيون جن کي سمپٿيٽڪ تنتون به حاصل ٿين ٿيون. پيراسيمپَٿيٽڪ تنتون نيوروٽرانسميٽر اسِيٽَلڪولين (acetylcholine) خارج ڪن ٿيون جن جو ايڊرينيلائين ۽ نيوروواڊريلائين جي اٻتڙ اثر ٿئي ٿو. پيراسمپٿيٽڪ سرشتو گهڻي ڀاڱي روزاني ڪمن جھڙوڪ: ھاضمي ۽ غلاظت سان لاڳاپيل ٿئي ٿو.
صلعم
ث. ع. دعا ، صلي الله عليه و آله وسلم جو مخفف اُن تي خدا تعاليٰ جا درود رحمتون ۽ سلام هجن.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal