
ذھني مونجھ ڪميونيڪيشن نه ٿيڻ ڪري
Autism
آ.ٽزم
ھڪ اھڙي حالت جنھن ۾ ڪو ٻار، ماڻھن ۽ ماحول سان لاڳاپجي نه سگهي. آٽزم ڇوڪرن ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي. اصطلاحي معنيٰ جي حوالي سان 30 مھينن جي عمر کان اڳ ۾ اھڙي صورتحال ظاھر ٿي عام طور تي زندگيءَ جي پھرين سال چٽي ٿي پوي ٿي. آٽزم جي اصل ڪارڻن جي ڄاڻ ڪونھي. عام طور تي آٽزم جا شڪار ٻار زندگيءَ جي پھرين چند مھينن دوران عام رواجي لڳن ٿا پر پوءِ آھستي آھستي والدين ۽ ٻين محرڪن لاءِ غيرذميوار ٿيندا وڃن ٿا. ڪنھن به قسم جي تبديليءَ لاءِ ان جو شديد ردعمل پيدا ٿيڻ ھڪ اھم پھلو ٿئي ٿو. ٻار پنھنجي معمول ۾ تبديلي يا سرگرمين ۾ مداخلت جو رنج سان ردعمل پيدا ڪري ٿو. راندين ۾ ريتون پيدا ٿي پون ٿيون ۽ عام طور تي غيرمعمولي شين سان لڳاءُ پيدا ٿي پوي ٿو يا ذھن تي ڪو مخصوص خيال طاري رھي ٿو. ڳالهائڻ دير سان شروع ڪرڻ عام ٿئي ٿو ۽ آٽزم جي شڪار ڪيترن ٻارن جو آءِ ڪيو (IQ) گهٽ ھجي ٿو. سڀاءَ جي غيرمعمولي ڳالهين ۾ مونجهارو (rocking)، پاڻکي ڦٽڻ، رڙين ڪرڻ جا دورا پوڻ ۽ چلولائپ (hyperactivity) شامل ٿي سگهن ٿيون.
Related words with: Autism
وصال
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal