SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Atherosclerosis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • atherosclerosis
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Atherosclerosis

اٿِي.رو.اسڪلي.رو.سِس

ڪولسٽيرال (cholesterol) ۽ ٻين سڻڀن مادن (lipids) جو شريانن جي ڀتين تي گڏ ٿي ان کي سوڙھو ڪري ڇڏڻ. اٿيرواسڪليروسس جسم جي ڪنھن به حصي جي شريانن کي متاثر ڪري سگهي ٿي ۽ فالج (stroke)، ھرٽ اٽئڪ (heart attack، ڏسو، myocardial infarction) ۽ ٽنگن ڏانھن اڻ پوريءَ گردش ڪرائڻ جو مکيو ڪارڻ ٿئي ٿي. جڏھن سڻڀو مادو جھڙوڪ: ڪوليسٽيرال رت رستي شريانن جي اندرين تھه ۾ گڏ ٿي ھڪ پيلو مادو، اٿيروما (atheroma) جوڙڻ شروع ڪري ٿو تڏھن شريانون سوڙھيون ٿي وڃن ٿيون. اھڙي لَٽ (deposits) سبب شريانن مان رت جو وھڪرو محدود ٿي وڃي ٿو. ان کانسواءِ ان شريان جي ڀت جو مشڪي تھه ٿلهو ٿي شريان کي تھائين سوڙھو ڪري ڇڏي ٿو. رت جا ريزا (platelets، دڳ پيدا ڪندڙ وکر) لَٽ جي مٿاڇري تي گڏ ٿي رت جا دڳ پيدا ڪرڻ شروع ڪن ٿا. ڪو به وڏو دڳ ان شريان کي مڪمل طور تي ٻنجي سگهي ٿو جنھن جي نتيجي ۾ جنھن عضوي کي رت مھيا ٿئي ٿي اھو آڪسيجن کان وانجهيل رھي ٿو.


Remember Me Also:

ٻان ڪرڻ

ضمانت طور بند ڪري جهلڻ. قيدي بنائڻ. هٿڻ. ٻانهون ڪرڻ ، غلام بنائڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal