
Astrocytoma
ايس.ٽرو.ساءِ.ٽو.ما
ھڪ قسم جي دماغي ڪينسري ڳوڙھي (brain tumour). ايسٽروسائيٽوما، گليوما (glioma، تنتي سرشتي جي گليل glial سيلن مان پيدا ٿيندڙ ڪينسر) جا وڌ ۾ وڌ عام قسم ٿين ٿا. اھي وڏو مغز (دماغ جي مکيو حصي) مان عام طور تي پيدا ٿي پون ٿا. ايسٽروسائيٽوما جي وگهر ۽ ھاڃيڪاريت جي حوالي سان مکيو چئن قسمن (I-IV) ۾ ورھاست ڪئي وڃي ٿي. جن مان گهڻي شديد ۽ عام قسم کي گليئوبلاسٽوما ملٽيفورمي (glioblastoma multiforme) سڏجي ٿو. جنھن جون نشانيون دماغ جي ٻين قسمن جي ڳوڙھين جھڙيون ٿين ٿيون. تشخيص لاءِ ٿيندڙ تپاسن ۾ سي ٽي اسڪيننگ (CT Scanning) يا ايم آر آءِ (MRI) شامل ٿين ٿيون. علاج لاءِ جراحي ڪئي وڃي ٿي ته ڪن حالتن ۾ ريڊيوٿراپي (radiotherapy) يا ڪيموٿراپي (chemotherapy) به ڏني وڃي ٿي.
شاباش
ث. شاباس.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal