SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Astigmatism

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • əstigmətizəm

From the English to Sindhi Dictionary:

Astigmatism

اک جو ڌنڌ، اک جو هڪ عيب


From the Dictionary of Official Terms:

Astigmatism

نظر جي خرابي- ڌنڌلوپڻ


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Astigmatism

ا.سٽگ.مي.ٽزم

نظر جي ڌنڌلائپ. ھڪ اھڙي حالت جنھن ۾ قرنيا (cornea) جو اڳيون مٿاڇرو عام رواجي ”گولائين“ (spherical) وَر سان ٺھڪندڙ نٿو ٿئي جيتوڻيڪ اک بلڪل صحتمند ٿئي ٿي. جيئن ته قرنيا جو وَر ٽيڏو ھجي ٿو، ان سبب مٿس پوندڙ روشنيءَ جا ڪرڻا مختلف زاوين ۾ پکڙجي وڃن ٿا. جنھن سبب اک جو بلور (lens) ان لائق نٿو رھي ته سڀني ڪرڻن کي روشنيءَ لاءِ حساس تنتي پردي (retina) تي فوڪس ڪري سگهي. معمولي درجي جي ڌنڌلائپ عام رواجي سمجهي وڃي ٿي ۽ ان جي درست ڪرڻ جي ضرورت نٿي ٿئي. شديد ھجي ته ڪنھن مخصوص زاويي تي اڻ چٽائپ پيدا ڪري ٿي ۽ ان کي درست ڪرڻ جي ضرورت ٿئي ٿي جنھن کي مخصوص ”ويلڻي“ (cylindrical) ڊول جهڙن ڪاون رستي ڪنھن مخصوص ڪنڊ تي ٺھڪايو وڃي ٿو ته ڪانٽيڪٽ لينس يا ليزر سرجريءَ رستي به فوڪس ٿيڻ لاءِ ھڪجھڙو گولائون مٿاڇرو پيدا ڪري سگهجي ٿو.


Remember Me Also:

ڪاڻو

ذ. سن. ڪاڻ < ڪانا = ڪاڻو. هڪ اک وارو ، يڪ چشم ، هڪ اکو. هڪ اک ۾ ڦلو پيل يا خراب ٿيل ، ڪاڻچو. عيبدار. ڪارنهن وارو اَنُ. ث. ڪاڻي جمع ڪاڻيون.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal