
Ascariasis
ايس.ڪَ.ريا.سس
گول ڪينئن (Ascaris lumricoides) جي بيماري جنھن ۾ ڪينئان پنھنجي ميزبان جي ننڍي آنڊي ۾ رھن ٿا. سڄيءَ دنيا، خاص طور تي استوائي علائقن (tropics) ۾ عام ٿين ٿا. عام طور تي ھن بيماريءَ ۾ انھن کاڌن رستي وچڙجي ٿو جيڪي اھڙي زمين ۾ پوکجن ٿا جيڪا انساني ڪرفتيءَ سبب غليظ ٿئي ٿي. ممڪن ٿئي ٿو ته ڪينئن جي ھلڪي روڳ سبب انھن جون ڪي نشانيون ظاھر نه ٿين جڏھن ته ھلڪا اوڪارا، پيٽ جو سور ۽ بي قاعدگيءَ سان پيٽان ويھڻ جھڙيون تڪليفون ٿي سگهن ٿيون. ممڪن ٿئي ٿو ته ڪو ڪينئون مقعد يا الٽيءَ رستي نڪري اچي. ڪينئان گهڻي انگ ۾ موجود ھجن ته ميزبان جي کاڌي حاصل ڪرڻ لاءِ چٽاڀيٽي ڪرڻ سبب کاڌي جي پوڻائي (کاڌوڻائي) ۽ رت جي پوڻائي (رتوڻائي) پيدا ڪري ٻارن جي واڌ متاثر ڪري سگهن ٿا. انھن جو علاج اينٿيلِمنٽڪ (anthelmintic) دوائن جھڙوڪ: ليواميسول (levamisole) ڪرڻ سان عام طور تي بلڪل ختم ٿي وڃن ٿا.
مثل
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal