SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Anus, disorders of

(click word to listen sound
  • 🔊
  • einəs
  • disɔːdəz
  • ɔf
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Anus, disorders of

اَي.نس ـ ڊس.ئارڊر ـ آف

گديا جون ڪيتريون تڪليفون رڳو بالغن کي ٿي پون ٿيون، خصيص ٿين ٿيون ته اھنجائپ به پيدا ڪري سگهن ٿيون. ايئن ڪو ورلي ٿئي ٿو ته گديا عام رواجي طريقي سان پيدا ٿي نه سگهي تڏھن جراحي ڪرڻي پوي ٿي (ڏسو، anus, imperforate). اينل اسٽينوسس (anal stenosis) جي حالت ۾ ايتري گهڻي سوڙھي ھجي ٿي جو ان مان ڪرفتي نيڪال ٿي نٿي سگهي. اينل فشر (anal fissures) جي حالت گديا جي استر جو چيرجڻ عام طور تي پيٽان ويھڻ لاءِ ڪرفتيءَ تي دٻاءَ وجهڻ ٿئي ٿو. ورلي، گديا جي چوگرد واريءَ چمڙيءَ جي ڪينسر ٿي پوي ٿي (ڏسو، anus, cancer of). بواسير (haemorrhoids)، گديا جي چمڙيءَ جي استر جي رت نلين جو وڌي وڃڻ ٿئي ٿو. نواسير (anal fistula) ۾ ھڪ غيررواجي لنگهه پيدا ٿي گديا جي ناليءَ کي گديا جي آسپاس واريءَ چمڙيءَ سان ڳنڍي ڇڏي ٿو. گديا جي خارس عام طور تي پوي ٿي جنھن جو ڪارڻ بواسير يا ٻي ڪا تڪليف جھڙوڪ: سيڪيون (threadworm) ٿي سگهن ٿيون.


Remember Me Also:

تشفي

ث. [ع. شَفيٰ، شَِفيَ < تَشَفيٰ، تَشفِيا = صحتمند ٿيڻ، ڪاوڙ بعد ٿڌو ٿيڻ] شفا ، تندرستي ، صحت ، تسلي ، دلجمعي ، اطمينان. خاطري.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal