SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Anuria

(click word to listen sound
  • 🔊
  • anuria
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Anuria

ان.و.رِيا

پيشاب جو مڪمل طور تي ٺھڻ بند ٿي وڃڻ. انورِيا بڪين جي شديد نقص سبب پيدا ٿي سگهي ٿي. جڏھن ته پيشاب جي وھڻ جو بلڪل بند ٿي وڃڻ جو ھڪ گهڻو عام سبب پراسٽيٽ غدود جو گهڻو وڌي وڃڻ (ڏسو، prostate, enlarged) يا مثاني جي ڳوڙھي يا ڪا پٿري (ڏسو، calculus, urinary tract) ٿئي ٿي. بڪين جي ناقص ٿي پيشاب پيدا نه ڪرڻ جو ڪارڻ آڪسيجن جي کوٽ ٿي سگهي ٿي جيڪا بڪين مان رت جي گهٽ مقدار ۾ گردش ڪرڻ سبب ٿي سگهي ٿي، جيئن سڪتي جي حالت ۾ يا بڪين جي ھڪ بيماريءَ جھڙوڪ: گلوميريولونيفرائيٽس (glomerulonephritis) سبب شديد نقصان پھچڻ جي حالت ۾ پيدا ٿي سگهي ٿي. انورِيا جي حالت ۾ ترت جاچ ڪرائڻي پوي ٿي. اصل ڪارڻ جي علاج ڪرائڻ سان پيشاب پيدا ٿيڻ شروع ٿي سگهي ٿو ته گهڻي دير ڪرڻ سان بڪي دائمي طور تي تباه ٿي يورِيميا (uraemia) پيدا ڪري سگهي ٿي.


Remember Me Also:

اشڪ افشاني

ث. ڳوڙها ڳاڙڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal