
Antidiabetic drugs
اين.ٽي.ڊا.ءِ.بي.ٽڪ ـ ڊرگس
دوائن جو ھڪ اھڙو گروپ جيڪي ڊائبِيٽيز ميلائيٽس (diabetes mellitus) جي علاج لاءِ استعمال ٿين ٿيون جنھن ۾ انسولن (insulin) جي کوٽ يا ان جي اثرن لاءِ مزاحمت ھجڻ سبب رت ۾ گلوڪوس (blood glucose) جي سطح وڌي وڃي ٿي. اھڙين ڪيترين قسمن جي اينٽي ڊائبيٽيز دوائن رستي رت جي گلوڪوس جي سطح ممڪن حد تائين عام رواجيءَ جيتري قائم رکي سگهجي ٿي جنھن سان ويسڪيولر بيمارين (رت نلين) جي پيچيده خطرن پيدا ٿيڻ کي گهٽائي سگهجي ٿو. اينٽي ڊائبيٽڪ دوائن ۾ اِنسولن شامل ٿئي ٿي جيڪا ان جي ڪشن يا انفيوزن (infusion) رستي يا وات رستي ھائپوگلائيسيمڪس (hypoglycaemics) جھڙوڪ: گليڪلازڊ ۽ ميٽفورمن (gliclazide and metformin) استعمال ڪجن ٿيون. اڪاربوس (acarbose) کاڌي کائڻ کانپوءِ آنڊن مان نشاستن جي جذب ٿيڻ جي عمل کي گهٽائي يا سست ڪري ڇڏي ٿي. ريپاگلينائيڊ (repaglinide) لب لبه (pancreas) مان انسولن جي پيداوار کي ڪجهه وقت لاءِ متحرڪ ڪري ٿي ۽ کاڌي کائڻ کان اڳ ۾ سڌي سنئين کائي سگهجي ٿي. پيوگليٽازون (pioglitazone) ٽشوئن ۾ انسولن جي مزاحمتي اثرن کي گهٽائي ٿي ۽ ٻين ھائپوگلائيسيمڪ دوائن سان گڏ استعمال ڪري سگهجي ٿي.
موٽيار
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal