
Antiarrhythmic drugs
اينٽي. اَرِ.ٿمڪ ـ ڊرگس
دوائن جو ھڪ اھڙو گروپ جيڪو ارِڌميا (arrhythmia، دل جو بي قاعدي ڌڙڪڻ) جي اپاءَ يا علاج لاءِ استعمال ڪجي ٿو. ھن گروپ ۾ اھي دوائون شامل ٿين ٿيون جيڪي ارِڌميا جي علاج لاءِ نس رستي اسپتال ۾ ڏجن ٿيون ۽ سھڪو يا ڇاتيءَ جو سور پيدا ڪرڻ جھڙيون تڪليفون پيدا ڪن ٿيون مثال طور؛ انھن مان ھڪ ايڊينوسن (adenosine) اسپتال ۾ ڏجي ٿي. دل جي وقت به وقت پيدا ٿيندڙ بي قاعدي ڌڙڪڻ جي اپاءَ لاءِ يا جڏھن دائمي رھندڙ ھجي ته ان جي گهٽائڻ لاءِ ڪيتريون دوائون استعمال ڪجن ٿيون جن ۾ اميودارون (amiodarone)، بيٽابلاڪر دوائون (beta-blocker)، ڪيلشم چينل بلاڪر (calcium channel blocker)، ڊجيٽيلس (digitalis)، ڊسوپيرامائيڊ (disopyramide) فليڪينائيڊ (flecainide)، لائڊوڪين/ لگنوڪين (lidocaine/lignocaine)، ميڪسيليٽائين (mexiletine) ۽ پروڪينامائيڊ (procainnamide) ٿين ٿيون. انھن جا عام طور تي اگرا اثر اوڪارا ۽ چمڙيءَ تي ڳاڙھا نشان پيدا ٿين ٿا. جڏھن ته ڪي اينٽي اَرٿِمڪس (antiarrhythmics) ساڻائي يا سھڪو پيدا ڪن ٿيون. ڇاڪاڻ ته اھي دل جي، پمپ ڪرڻ جي لياقت گهٽائي ڇڏين ٿيون.
تانوڻي
ث. تانوَڻُ. چٽي. تباهي.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal