SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Anglo- Iranian Oil Dispute

(click word to listen sound
  • 🔊
  • anglo
  • iranian
  • ɔil
  • dispjuːt
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Anglo- Iranian Oil Dispute

اينگلو- اِرانين آئل ڊسپيوٽ

انگريز-ايراني تيل وارو تڪرار

28 اپريل 1951ع تي ايراني پارليامينٽ (مجلس) ايران ۾ تيل جي صنعت کي قومي تحويل ۾ ورتو ۽ آڪٽوبر 1951ع ۾ ٻاهرين ملڪن سان لاڳاپيل تيل جي صنعت سان واڳيل ماهرن کي ايران مان نيڪالي ڏني ويئي. انهيءَ قدم جي نتيجي ۾ برطانيا ۽ ايران جا لاڳاپا خراب ٿي ويا. انهيءَ ايراني حڪمت عمليءَ جي جوابي قدم طور برطانيا ايراني تيل جي صنعت لاءِ فني تعاون ڏيڻ کان نابري واريندي، اولهه جي مڙني ملڪن تي ايراني تيل خريد نه ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو. ان کانسواءِ برطانيا ايران خلاف ”انصاف جي عالمي عدالت“ کي به درخواست ڏني، جنهن ٻنهي مُلڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ جو جائزو وٺندي، حالتن کي ”جيئن جو تيئن“ رکڻ (Status quo) جو فيصلو ڏنو. رد عمل ۾ ايران عالمي عدالت جي رڪنيت تان هٿ کنيو. بهرحال 1954ع ۾ اهو تڪرار ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل مفاهمت تي ختم ٿيو. ان جهڳڙي جي نتيجي ۾ ايراني معيشت تي هاڃيڪار اثر پيا، جنهن سبب اڳتي هلي ايران جي سياست ۾ به تبديليون آيون


Remember Me Also:

اشتر

ذ. [ف] شتر ، اٺ ، ڏاگهو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal