
جراحي، بدن جي تشريح جو علم
ايناٽومي
علم جراحي، علم تشريح بدن، انگ وديا، اِئناٽامي ٻن يوناني لفظن ‘ana’معنيٰ up يا مٿي ۽ ‘tome’ معنيٰ ‘cutting’ يا ڪٽڻ مان ورتل آهي. هيءَ اها سائنس آهي جنهن ذريعي ٻوٽن، جانورن ۽ انساني ڍانچن کي چيري سندن اڀياس ڪري سگهجي ٿو
انگ وديا
اَنگ وِديا، انگ ڄاڻ علم بدن، علم تشريح الاعضا [ع]
علم تشريح
علم تَشرِيح (انگ ڄاڻَ، لڱ ڄاڻَ)
Anatomy
اَ.ناٽا.مي
ڪنھن به جاندار/ جانور يا ٻوٽي جي جسم يا ڪنھن به حصي جي جوڙجڪ ۽ جو سائنسي اڀياس. انساني اناٽامي سان گڏ فزيالاجيءَ (جسم جي ڪم جو مطالعو) جو اڀياس ميڊيڪل سائنس جو بنياد جوڙي ٿو. اناٽامي ڪيترين شاخن ۾ ورھايل ٿئي ٿي جن ۾ ڪمپيريٽو يا تقابِلي ايناٽامي (comparative anatomy، انساني ۽ جانورن جي جسم جو اڀياس)، سرجيڪل ايناٽامي (surgical anatomy، سرجنن يا جراحن لاءِ عملي معلومات)، امبريالاجي (embryology، ڳڀ ۽ ٻچي جي اوسر دوران ايندڙ بناوتي تبديليون)، سسٽيمڪ اناٽامي (systemic anatomy، مخصوص جسماني سرشتن جي جوڙجڪ جو اڀياس) ۽ سائٽالاجيءَ (cytology) ۽ ھسٽالاجيءَ (سيلن ۽ ٽشوئن جو ترتيبوار خوردبيني اڀياس) شامل ٿئي ٿو.
چڱو ڀلا
ڳالهه يا بحث کي ختم ڪرڻ وارو ٻول. چڱو في الحال ڳالهه ختم ٿي ڪجي.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal