
اين ائيروبڪ
غيرهوا باش،آڪسيجن بغير رهندڙ، غيرهوائي
Anaerobic
ائن.ئي.رو.بڪ
آڪسيجن بنا رھڻ، ڪم ڪرڻ ۽ واڌ ڪري سگهڻ لائق ھجڻ. ڪيترا بئڪٽيريا ائنئيروبڪ ٿين ٿا. انساني جسم جا ڪجهه سيل محدود ائنئيروبڪ سرگرميون ڪري سگهن ٿا. جڏھن سخت مشڪائين مشقت سبب آڪسيجن ايتريءَ تيزيءَ سان استعمال ٿيندي رھي جو رت جو دورو ايتري رسد مھيا ڪري نه سگهي جھڙوڪ: اسپرنٽنگ (sprinting، تيز ڊوڙڻ) دوران تڏھن مشڪ جا سيل عارضي طور تي ائنئيروبڪ طريقي سان ڪم ڪن ٿا. جڏھن ايئن ٿئي ٿو تڏھن غلاظت طور ليڪٽڪ (lactic) تيزاب پيدا ٿي (ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ بجاءِ جيڪا ايئروبڪ سرگرميءَ سبب پيدا ٿئي ٿي) ورلي مشڪن جي ساڻائي ۽ سور پيدا ڪري ٿو.
Related words with: Anaerobic
اورڳڻ
مصدر. [سن. اَوَلوڪ = ڏسڻ، نهارڻ؛ پرا. اُوَلڪَکه] اورکڻ، اوڙکڻ، سُڃاڻڻ ، جاچي ڏسڻ. ڳولڻ. اورانگهڻ ”ڪاڪِ وڻن سان، اوٺين گهڻو اورڳي“ شاهه ڪريم. اورڳيو ، اورڳيندو ، اورڳيَل.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal