
Anaemia, haemolytic
اني.مي.يا ـ ھي.مو.لاءِ.ٽڪ
رت جي ھن قسم جي پوڻائيءَ ۾ رت جي ڳاڙھن سيلن جي رت جي وھڪري ۾ وقت کان اڳ ۾ تباھي (haemolysis) ٿئي ٿي. ھيمولائيٽڪ اَنيمِيا ئن جي درجيندي ان لحاظ کان ڪجي ٿي ته آيا ھيمولائيسز جو ڪارڻ رت جي ڳاڙھن سيلن جي اندر يا ٻاھر ٿئي ٿو. جڏھن ھيمولائيسز جو ڪارڻ ڳاڙھي سيل جي اندر موجود ھجي ته ان جو مسئلو سيل جي جهليءَ جي غيرمعمولي نھرائپ ٿئي ٿي، جنھن سبب سيل پنھنجي زندگيءَ جي اوائلي دور ۾ تريءَ جي ننڍڙين رت نلين ۾ ڦاسي پوي ٿو، جتي مئڪروفيج (macrophage، جيڪي ڌاريا جزا ھڙپ ڪن ٿا) انھن کي تباه ڪري ڇڏين ٿا. غيرمعمولي نھرائپ سيل جي جهليءَ جي موروثي نقص سبب به پيدا ٿي سگهي ٿي (جيئن موروثي اسفيروسائيٽوسس spherocytosis ۾ ٿئي ٿي)، سيل جي ھيموگلوبن جو نقص (جھڙوڪ: sickle cell anaemia) يا سيل جي ڪنھن انزائيم جي نقص سبب به پيدا ٿي سگهي ٿو. گلوڪوس ـ 6 ـ فاسفيٽ ڊيھائڊروجينيز انزائيم (ڏسو، G6PD deficiency) به ھيمولائيٽڪ اَنيمِيا پيدا ڪري سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته رت جا ڳاڙھا سيل روڳي بيمارين يا ڪن دوائن يا غذائن لاءِ حساس ٿين ٿا.
شهننگ
ذ. ٻڪريءَ جو هڪ عضوو.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal