
شراب جو نشو
Alcohol intoxication
ال.ڪو.حل ـ ان.ٽاڪس.ي. ڪي.شن
عام طور تي نسبتاً ٿوري عرصي ۾حد کان وڌيڪ الڪوحل (alcohol) واپرائڻ سبب پيدا ٿيندڙ حالت. گهڻي الڪوحل واپرائڻ جا اثر ڪيترن پھلوئن تي مدار رکن ٿا جن ۾ جسماني ۽ ذھني حالت، جسم جي سائيز، سماجي صورتحال ۽ اڪائرڊ برداشت (acquired tolerance) شامل ٿين ٿيون. جڏھن ته اھم پھلو رت ۾، الڪوحل جي سطح ٿئي ٿي. ھلڪي نشي جي حالت ۾ سڪون ملي ٿو ۽ سماجي اعتماد وڌي ٿو. الڪوحل، گهڻي مقدار ۾ واپرائجي ته شديد زھر پيدا ڪري ٿو. مرڪزي تنتي سرشتي (central nervous system) جي سرگرميءَ کي دٻائي عام رواجي ذھني ۽ جسماني ضابطو ضايع ڪري ڇڏي ٿو. شديد حالتن ۾ ان جو زھر ھوش حواس وڃائي موت جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو.
آڏيرو
ذ. صفت. ڪجهه ڏنگو ، پاسيرو ،ٽيڏو ، ڦِريل ، وريَلُ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal