ايئر اسپيس
هوائي حدون
ڪنهن ملڪ جي مٿان پولار جو دائرو، جيڪو انهيءَ ملڪ جو هوائي علائقو تصور ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ دائري کان ٻاهر وارين حدن کي ’بين الاقوامي هوائي علائقو‘ تصور ڪيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ جو اهو علائقو سڄي دنيا جي ملڪن لاءِ بنا رنڊ روڪ يا ٻئي ملڪ کان اجازت جي استعمال جوڳو هوندو آهي . هوائي حدون ٻن قسمن : 1- ضابطي هيٺ ۽ 2- ضابطي کان ٻاهر هونديون آهن . پهرئين قسم ۾ هوائي ٽريفڪ ڪنٽرول ڪري سگهبي آهي ، جڏهن ته ٻئي قسم هيٺ ڪنهن بين الاقوامي معاهدي بنا ايئن ڪرڻ ناممڪن هوندو آهي . بين الاقوامي قانون جي حوالي سان هر ملڪ جون هوائي حدون سندس سامونڊي ڪناري کان 12 ناٽيڪل ميلن ( 22.2 ڪلوميٽر) تائين پکڙيل هونديون آهن . جڏهن ته اهڙي ڪٿ اُڀ ۾ ڪرڻ جو قاعدو اڃا تائين ترتيب نه ڏنوويو آهي
بيضاء
صفت. [ع. ’اَبيَض‘ جو مونث] اَڇو. چمڪندڙ. چِٽو. ”يَد بيضاء = اڇو يا چمڪندڙ هٿ“ حضرت موسيٰ عليه السلام جو معجزو، جو ڪڇ ۾ هٿ وجهي ڪڍندو هو ته اهو چمڪندو هو. هڪ شهر جو سنڌ جي وسيع حدن اندر عربي دؤر حڪومت ۾ ٻڌايو ويو.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal