اَفرمَيٽو ايڪشن
هاڪاري اڳڀرائي يا عمل
اهڙن قانونن جو مجموعو، جن ذريعي جنس، نسل ۽ اختيار جي بُنيادن تي قائم ڪيل برتريءَ جو خاتمو مُمڪن ٿي سگهي. اهڙي قانونن کي جوڙڻ جو مقصد معاشري ۾ غير مراعت- يافته طبقن ۽ متڀيد جو شڪار ٿيلن جي حقن جي پاسداري ڪندي، کين قومي پيداواري عمل جو حصو بنائڻ ۽ مجموعي قومي ترقيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ هوندو آهي.ان کان علاوه هن اصطلاح ذريعي ”هاڪاري اڳڀرائيءَ“ ذريعي زندگيءَ جي مُختلف شعبن، خاص ڪري روزگار جي معاملي ۾ اختيار ڪيل ناانصافيءَ تي ٻڌل روين جو خاتمو ڪندي، ڪمزور طبقن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو آهي. ساڳي طرح ڪنهن هڪ ڌُر طرفان ماضيءَ ۾ کانئس ٿيل ڪوتاهين جو ازالو ڪرڻ لاءِ به متاثر ڌر کي رعايتون ڏيئي، هڪ هلڪاري ۽ نئين دور جي ابتدا ڪئي ويندي آهي
From Dictionary of Political Terms
ترجيحي عمل
حڪومتي يا عام نيتن سبب سماج جي نظرانداز ٿيل طبقي ڏانهن ترجيحي عمل. هن کي ڪڏهن ڪڏهن ابتو امتياز Discrimination) (Averse پڻ سڏيو وڃي ٿو. ان مطابق نسلي اقليت ۽ عورتن جي مدد ڪئي وڃي ٿي. هي نيتي آمريڪا جي يونيورسٽين ۽ اسڪولن ۾ داخلا واسطي ناڪام ٿي آهي. آمريڪي صدر رونالڊ ريگن جي حڪومت هن نيتي کي ناپسند ڪيو پر عدالتن ان کي غير آئيني قرار ڏنو.
کڻين کٽائڻ
ڳالهين ۾ حرفي ڪرڻ ، سببن سان ثابت ڪرڻ ، دليلن سان ثابت ڪرڻ.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal