
Addison’s disease
ايڊي.سنس ـ ڊزيز
ھڪ ورلي ٿيندڙ ديرپا/ پراڻي تڪليف جنھن ۾ ڪورٽيڪوسٽيروائڊ ھارمونن؛ ھيڊروڪورٽيسون (hydrocortisone) ۽ الڊاسٽيرون (aldosterone) جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي جيڪي عام طور تي اَڊرينل ڪورٽيڪسِ (اَڊرينل غدودن جو ٻاھريون حصو) پيدا ڪري ٿي. اي سي ٽي ايڇ (ACTH) جو واڌو مقدار ان ڪوشش ۾ پٽيوئيٽري غدود پيدا ڪري ٿو ته جيئن ڪورٽيڪوسٽيروائڊ ھارمونن جو اخراج وڌائي سگهجي. ھڪ ٻئي ھارمون؛ ميلانوسائيٽ اسٽيميوليٽنگ ھارمون (melanocyte stimulating hormone/MSH) جو اخراج ۽ سرگرمي پڻ وڌي وڃي ٿي. ايڊيسنز ڊزيز ڪنھن به اھڙيءَ بيماريءَ سبب پيدا ٿي سگهي ٿي جيڪا اَڊرينل ڪورٽيڪس کي ناقص ڪري ڇڏي ٿي. جنھن جو ھڪ گهڻو عام ڪارڻ آٽو اِميون بيماري (autoimmune disorder) ٿئي ٿي جنھن ۾ اِميون سرشتي جون اينٽيباڊيون پيدا ٿي اڊرينل غدودن تي حملا ڪن ٿيون. عام طور تي ان جون نشانيون آھستي آھستي مھينن يا سالن دوران پيدا ٿين ٿيون جن ۾ ساڻائي، ڪمزوري، پيٽ جو سور ۽ وزن جي گهٽتائي ٿئي ٿي. ايم ايس ايڇ جي گهڻائي ممڪن ٿئي ٿو ته ھٿ جي ريکائن، جسم جي دٻاءَ وارن ھنڌن ۽ وات واري چمڙيءَ جي رنگ کي گهرو ڪري ڇڏين. ان جي شديد حالت کي ايڊيسونيئن ڪرائيسز (Addisonian crises) سڏجي ٿو جيڪي روڳ، ضرب يا ٻين ذھني دٻائن سبب پيدا ٿي سگهن ٿا. جن جي عام نشانين ۾ مشڪن جي شديد ھيڻائي، جسم ۾ پاڻيٺ جي کوٽ/ سوڪھڙو (dehydration)، بِلڊ پريشر جو گهٽجڻ (hypotension)، وائڙائپ ۽ سڪتو (coma) ٿي سگهي ٿو. ھائپوگلائيسيميا (hypoglycaemia) به ٿي سگهي ٿي. علاج طور سڄي عمر ڪورٽيڪوسٽيروائڊ (corticosteroid) دوا کائڻي پوي ٿي. ايڊيسونين ڪرائيسس جي حالت ۾ ترت، نس رستي سيلائين (saline) ۽ گلوڪوس (glucose) سميت ڪورٽيڪوسٽيروائڊ ھارمون ھڻائڻا پون ٿا.
مرو
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal