
Acquired Immune Deficiency Syndrome/AIDS
اَڪ.ئائرڊ ـ ام.يون ـ ڊي.في.شي.ين.سي ـ سِنڊ.روم جو مخفف/ ائڊس
بيماري اِميون سرشتي ۾ نقص پيدا ٿيڻ سبب ٿئي ٿي جنھن جو ڪارڻ ايڇ آءِ وي/ ھيومن اِميونوڊيفيشنسي وائرس (HIV/human immunodeficiency virus) ٿئي ٿو. ايڇ آءِ وي جي روڳ ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ ان جي پيدا ٿيندڙ بيماريءَ ائڊس جي نشانين ظاھر ٿيڻ جو وقفو مختلف ٿئي ٿو، جڏھن ته سراسري طور تي 10 سالن تائين ٿي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ ايڇ آءِ وي روڳ کي محدود رکڻ لاءِ دوائون متعارف ڪرايون ويون آھن تنھن ھوندي به ان جي ڪا اثرائتي ويڪسين ڪونھي جنھن سبب خاص طور تي ايڇ آءِ ويءَ ۾ مبتلا ٿيندڙ فردن جي انگ ۾ واڌارو ٿي رھيو آھي. ايڇ آءِ وي جسماني پاڻيٺن رستي پکڙجي ٿي جنھن ۾ مني، رت، فرج جون پاڻيٺون ۽ ٿڃ شامل ٿئي ٿي. پکڙجڻ جو مکيو طريقو جنسي فعل (فرج، گديا يا وات)، رت کان رت (رت جي عطيي يا دوائن جو نشي استعمال ڪندڙن پاران ساڳيون سيون استعمال ڪرڻ) ۽ حامله ماءُ کان پنھنجي ٻچي ۾ منتقل ڪرڻ ٿئي ٿو. ايڇ آءِ وي، ھيموفيليا جي مريضن کي رت جي ڪنھن حصي ڏيڻ، مصنوعي طريقي سان ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ منيءَ جو عطيو ڏيڻ ۽ بڪين پيوند ڪرائڻ رستي به پکڙجي سگهي ٿي، جڏھن ته جاچ پڙتال جي جديد طريقن اختيار ڪرڻ سان ايڇ آءِ وي جي ڦھلجڻ جو خطرو گهڻو گهٽجي ويو آھي. ايڇ آءِ وي ھڪ ٻئي سان روزاني لاڳاپن رکڻ جھڙوڪ: ڀاڪي پائڻ ۽ ساڳين ٿانون ۾ کائڻ سان نٿي پکڙجي. وائرس، رت جي وھڪري سان شامل ٿي انھن سيلن کي روڳي ٿو جن جي مٿاڇري تي مخصوص CD4 نالي جهٽڻا سيل ٿين ٿا. انھن سيلن ۾ ھڪ قسم جا رت جا اڇا سيل (CD4 لِمفوسائيٽ) به ٿين ٿا جيڪي روڳن سان منھن ڏيڻ لاءِ ۽ ٻين ٽشوئن جھڙوڪ: مغز ۾ ٿين ٿا. وائرس، متاثر ٿيندڙ روڳي سيلن ۾ واڌ ڪن ٿا، جيڪي مري، وائرسن جا وڌيڪ جزا رت ۾ خارج ڪن ٿا. جيڪڏھن روڳ جو علاج نه ڪجي ته CD4 سيلن جو تعداد گهٽجي وڃي ٿو نتيجي ۾ ڪن ٻين روڳن ۽ ڪن قسمن جي ڪينسر پيدا ٿيڻ جا خطرا وڌي وڃن ٿا. ڪي فرد جڏھن پھريون ڀيرو ايڇ آءِ ويءَ ۾ مبتلا ٿين ٿا ته منجهن مختصر عرصي لاءِ روڳ پيدا ٿين ٿا جھڙوڪ: مونو نيوڪليوسس (mononucleosis). ڪيترن فردن ۾ ان جون ڪي به ظاھري نشانيون پيدا نٿيون ٿين (پر متاثر/ روڳيل رھن ٿا)، ڪن ۾ رڳو مبھم تڪليفون جھڙوڪ: وزن گهٽجڻ، بخار، پگهر، لِمف نوڊن جو وڌي وڃڻ يا غير واضح دست ٿي پون ٿا. جنھن عرصي دوران ڪي به واضح يا وڏيون نشانيون پيدا نه ٿين ته اھو مرحلو اٽڪل 10 سالن تائين ھلي سگهي ٿو. ايڇ آءِ وي روڳ جي ھلڪين نشانين ۾ چمڙيءَ جون تڪليفون جھڙوڪ: سيبورڪ ڊرميٽائيٽس (seborrhoeic dermatitis) پيدا ٿين ٿيون. شديد حالتن ۾ دائمي ھرپيز سمپليڪس (herpes simplex) جا روڳ، وات جي ڪينڊيڊياسس (candidiasis/thrush)، شنگلس (shingles)، ٽي بي ۽ شگيلوسس (shigellosis) ٿين ٿا. ايڇ آءِ وي مغز کي متاثر ڪري ڪيتريون دماغي تڪليفون جنھن ۾ ڊِمينشيا به ٿئي پيدا ڪري سگهي ٿي. عام طور تي ائڊس سبب پيدا ٿيندڙ مڪمل بيمارين ۾ ڪينسرون (Kaposi’s sarcoma and lymphoma of brain) ۽ مختلف قسمن جا روڳ (pneumocystis pneumonia)، سلهه، ھيومن پيپيلوما وائرس (human papillomavirus)، سائٽوميگالووائرس (cytomegalovirus)، دست جن جو ڪارڻ ڪرپٽواسپوريڊيم (cryptosporidium) يا آئسواسپورا (isospora)، ڪينڊيڊياسس (candidiasis)، اسٽرانگيلوائيڊياسس (strongyloidiasis) ۽ ڪرپٽوڪوڪوسس (cryptococcosis) آھن جن مان ڪيترن کي موقعي پرست (opportunistic infections) روڳ/ بيماريون سڏجي ٿو. ايڇ آءِ وي روڳ جي پڪ ڪرڻ لاءِ رت ۾ ان جون اينٽيباڊيون چڪاسيون وڃن ٿيون. مڪمل ائڊس جي تشخيص جو بنياد ايڇ آءِ وي تپاس جي پازيٽو ھجڻ سان گڏ ائڊس سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين يا CD4 جي انگ ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي. ايڇ آءِ وي روڳ جي خطري گهٽائڻ لاءِ سيڪس ڪرڻ جا محفوظ طريقا استعمال ڪرڻا پون ٿا، نشي پتي لاءِ سيون استعمال ڪندڙن کي ساڳيون سيون استعمال نه ڪرڻ گهرجن. جيتوڻيڪ صحت جي ڪارڪنن کي روڳي رت يا سئين کڻڻ ڪرڻ سان گهٽ خطرو رھي ٿو تنھن ھوندي به ان خطري کي، سلامتيءَ وارا طريقا اختيار ڪرڻ سان وڌ ۾ وڌ حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو. ايڇ آءِ وي روڳ جي علاج لاءِ اينٽيوائرل دوائن جي گڏيل استعمال سان ھن بيماريءَ جي واڌ کي گهٽائي يا روڪي سگهجي ٿو ته ان سان گڏ رت ۾ وائرسن جي انگ گهٽائڻ سان مڪمل طور تي ائڊس پيدا ٿيڻ کان بچي سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ ٻن مکيو قسمن جون اينٽيوائرل دوائون آھن: پروٽِيئيز انھبيٽر (protease inhibitors) جھڙوڪ: انڊيناوير (indinavir) ۽ رورس ٽرانسڪرپٽيز انھبٽر (reverse transcriptase unhibitors) جھڙوڪ: زڊوويوڊين (zidovudine). ٻيون جھڙوڪ: ٽينوفووِر (tenofovir) ۽ نُويراپائين (nevirapine)، پروٽيئيز انھبٽر ۽ رورِس ٽرانسڪرپٽيز انھبٽر واڌو دوا طور ڏئي سگهجن ٿيون ته جيئن وائرس جي واڌ کي روڪي سگهجي. ايڇ آءِ وي جي مزاحمتي اسٽرين (نيم قسم) جي پيدا ٿيڻ سبب فيوزن انھبٽر (fusion inhibitor) دوائن جھڙوڪ: انفووَرٽيٽائيڊ (enfuvirtide) رستي وائرس کي نون سيلن کي روڳڻ کان بچائي سگهجي ٿو. ايڇ آءِ ويءَ جو علاج سڄي عمر وٺڻو پوي ٿو ته ائڊس سبب ٿي پوندڙ بيمارين جو علاج به موجود آھي.
سورجاڻ
اسم خاص. هڪ قسم جو پسارڪو وکر.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal