
موهيڙو، ڦرڙي
اسين، ايڪن
ڦرڙي، سوڄ، روڳ
Acne
اَڪ.نِي
موھيڙو. چمڙيءَ جي ھڪ اھڙي شديد تڪليف جيڪا چمڙيءَ جي وار ـ ڳوٿرين (hair follicles) ۽ سيبيشس (sebaceous) غدودن جي سوزش سبب پيدا ٿئي ٿي، انھن ۾ ھڪ عام قسم اَڪني ولگيرس (acne vulgaris) سڏجي ٿي جيڪا سدائين بلوغت دوران پيدا ٿئي ٿي. جڏھن ته موھيڙا عمر جي ڪنھن به حصي ۾ پيدا ٿي سگهن ٿا. موھيڙا، وار ـ ڳوٿرين ۾ سيبيم (سيبيشس غدودن جو پيدا ٿيندڙ مادو) جي رڪاوٽ پيدا ٿيڻ سبب پيدا ٿين ٿا. بئڪٽيريا، وار ـ ڳوٿرين ۾ واڌ ڪري سوزش پيدا ڪن ٿا. بلوغت دوران سيبيم مادي جي پيداوار ۾ تبديلي ممڪن آھي ته اينڊروجن ھارمونن (androgen hormones، مرداڻا جنسي ھارمون) جي وڌيل سطح سان لاڳاپيل ھجي. ممڪن ٿئي ٿو ته موھيڙا، ڪورٽيڪوسٽيروائڊ (corticosteroids) ۽ اينڊروجن (androgens) جھڙين دوائن سبب وڌي ويندا ھجن. ڪم ڪار وارن ھنڌن تي ڪن قسمن جي ڪيميائي مادن ۾ وائکي ٿيڻ سان به ھڪ قسم جا موھيڙا پيدا ٿي سگهن ٿا. جڏھن ته ڪن حالتن ۾ اَڍ (heredity) به ان جي ذميوار ٿي سگهي ٿي. موھيڙا، چمڙيءَ ۾ ان ھنڌ تي پيدا ٿين ٿا جتي سيبيشس غدود گهاٽائيءَ ۾ موجود ھجن ٿا، خاص طور تي منھن، ڇاتيءَ، پٺيءَ جي مٿين حصي، ڪلهن ۽ ڳچيءَ جي چؤگرد. مليا (milia/whiteheads)، ڪوميڊان (comedones /blackheads)، نوڊيول (nodules/firm swellings) ۽ سسٽ (cysts/larger fluid –filled swellings) موھيڙن پيدا ٿيڻ جا گهڻا عام ھنڌ ٿين ٿا. انھن مان ڪن خاص طور تي سسٽن جي ڇٽي وڃڻ کانپوءِ نشان باقي رھجي وڃن ٿا جيڪي ڪن فردن ۾ جذباتي طور تي پريشاني پيدا ڪن ٿا. موھيڙن جو ترت علاج موجود نٿو ٿئي پر جي متاثر ھنڌ کي روزانو ٻه ڀيرا ڌوئبو رھجي ته انھن جي شدت گهٽائي سگهجي ٿي. مقامي ھنڌ تي بينزوائل پرآڪسائيڊ (benzoyl peroxide) يا ريٽينوئڪ (retinoic) تيزاب لڳائڻ سان موھيڙن جو منھن کلي پوي ٿو ۽ جلد ڇٽي وڃن ٿا. جيڪڏھن مقامي ھنڌ جي علاج ڪرڻ سان فائدو نه ٿئي ته دوائون جھڙوڪ: اينٽيبياٽڪ (antibiotics)، ھارمون يا آئسوٽريٽينوئن (isotretenoin) کائي سگهجن ٿيون. وقت گذرڻ سان گڏ موھيڙن جو مسئلو آھستي (ننڍي وھيءَ/ ٽين ايج) ختم ٿي وڃي ٿو ته ڪنھن رھجي ويل نشان جو ڪاسميٽڪ سرجريءَ رستي علاج ڪرائي سگهجي ٿو.
Related words with: Acne
ٽريڪو
ذ. ڪَٻرِيُنِ جو آواز. زنانو جهيڙو. جهيڙي ۾ تڪڙو ۽ زور سان ڳالهائڻ ، ٽِيڪو.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal