
ائسيڊوسز
تيزاب ٿيڻ
Acidosis
اي.سي.ڊو.سس
جسم جي کٽي ـ کاري توازن (acid-base balance) ۾ بگاڙ سبب رت ۾ يا ته تيزابيت جو وڌي وڃڻ يا کاراڻ جو گهٽجي وڃڻ. تيزابيت وڌڻ جا ٻه قسم ٿين ٿا: ميٽابولي (metabolic) ۽ رسپائريٽري (respiratory). ميٽابولي تيزابيت جو ھڪ قسم ڪيٽو ايسيڊوسِس (keto-acidosis) سڏجي ٿو جيڪو ڊائبِيٽيز ميلائيٽس (diabetes mellitus) تي ضابطي نه رکڻ ۽ بک جي حالت ۾ ته شديد دستن جي حالت ۾ بائڪاربونيٽ (کاراڻ ) جي ضايع ٿيڻ ڪري به پيدا ٿئي ٿو، بڪين جي ناڪاره ٿيڻ (kidney failure) سبب پيشاب مان تيزاب اڻپوري مقدار ۾ خارج ٿئي ٿو. رسپائريٽري ايسيڊوسِس تڏھن پيدا ٿئي ٿي جڏھن ساه رستي ڦڦڙن مان گهڻي مقدار ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ٿي نٿي سگهي، جنھن سبب واڌو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ باقي رھي، ڳري ڪاربونڪ تيزاب جو روپ وٺي ٿي. ساه کڻڻ جي ناقص عمل سبب رسپاريٽري ايسيڊوسس جو ڪارڻ ڦڦڙن کي ٻنجيندڙ پراڻي بيماري (ڏسو، pulmonary disease, chronic obstructive) برونڪيئل ايسٿما (asthma) يا ساه لنگهه جي رڪاوٽ (airway obstruction) به ٿي سگهي ٿي.
دل نشين
ذ. صفت. دل ۾ ويهندڙ ، دل ۾ گهر ڪندڙ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal