
گهر، سهوليت، سامان، درستي
سهوليت- سهوليتي قرض- رهائش يا جاءِ وٺڻ لاءِ قرض يا سهوليت.
اڪوموڊيشن
سهولت، سولائي، رهائش، ٺاهه، لاطيني ٻولي accommodato’ ‘مان ورتل جنهن جي معنيٰ آهي “To fit” يا ”ٺهڪي اچڻ“ Adjustment, especially that of the eye for various distance
جڳهه- گنجائش- سهولت-رهائش
اَڪوموڊيشن
سهڪار
سفارتڪاريءَ ۾ خراب حالتن کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ مخالف ڌرلاءِ سڀ دروازا بند نه ڪرڻ جي عمل کي ’سهڪاري‘ رويي طور سڃاتو وڃي ٿو. هن صورت حال ۾ ڪنهن به غلط فهميءَ جي عنصر تحت وڙهندڙ ڌريون محسوس ڪنديون آهن ته معاملن کي سڌارڻ لاءِ هڪ ٻئي جي ضرورتن کي سمجهڻ ۽ علائقي ۾ مفادن جي صحيح ورڇ ڪرڻ ضروري آهي. هن رويي کي امن چاهيندڙ سفارتڪار تمام گهڻو پسند ڪن ٿا. ڪجهه محققن جو خيال آهي ته دنيا مان جهيڙا ختم ٿيڻا ناهن، ڇاڪاڻ ته ڪو به ملڪ پنهنجا بنيادي مفاد ۽ قومي ترجيحون ڪنهن به صورت ۾ قربان نه ڪندو. انهيءَ ڪري دنيا ۾ ’سهڪار‘ (Accommodation) واري عنصر جو پوريءَ طرح لاڳو ٿيڻ، تمام گهڻو مشڪل آهي. تڏهن به عالمي امن جي لاءِ هيءَ هڪ مثبت ڪوشش/ عمل ضرور آهي
Accommodation
ا.ڪو.مو.ڊي.شن
ٺھڪاءُ، ٺھڪڻ، خاص طور تي ھڪ اھڙو عمل جنھن سان اک، ويجهن شين کي پسڻ لاءِ پاڻ ٺھڪائي ٿي. آرام واريءَ حالت ۾ اک پري واري شئي ڏسڻ لاءِ پاڻ ٺھڪائي ٿي ته ان جو بلور (lens) سنھڙو ۽ تراکڙو ٿي وڃي ٿو. ويجهين شين کي فوڪس ڪرڻ لاءِ اک جي سيليري مشڪ (ciliary muscle) ڪوئجي ٿي ته بلور جي ٻاھرين ڇيڙي تي دٻاءُ گهٽجڻ سان اھو ٿلهڙو ۽ اُپٽيل ٿي وڃي ٿو. عمر سان گڏ بلور جي لچڪ گهٽبي وڃي ٿي. جنھن سان اک جي پاڻ ٺھڪائڻ جي خاصيت گهٽجڻ ڪري پري واري ديد متاثر ٿي پوي ٿي جنھن کي پريسبايوپِيا (presbyopia) سڏجي ٿو.
Related words with: Accommodation
سينابند
ذ. [ف. سينه + بند < بستن = ٻڌڻ] ڇاتيءَ کي گرم رکڻ لاءِ هڪ قسم جو ڪپڙو. گهوڙي جي ڇاتي ٻڌڻ ۾ ايندڙ چَمُ يا سُٽ جو پَٽو ، تَنگ. زالن جي ڇاتيءَ تي پائڻ جو هڪ زيور. عورتن جي ببن کي ٻڌڻ جو هڪ ڪپڙو ، اَنگي.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal