SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Abyssinia

(click word to listen sound
  • 🔊
  • abyssinia
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Abyssinia

ابيسينيا

حبشه يا ايٿيوپيا

اوڀر آفريقا ۾ قائم هن ملڪ جي پکيڙ 00، 350 چورس ميل آهي . هاڻي سرڪاري نالو ايٿيوپيا اٿس ، پر اڳ ۾ ”حبشه“ به سڏيو ويندو هو. ان ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ’اَديس اَبابا‘ آهي ۽ آبادي 2004ع موجب 67,851,281 ماڻهو هئي . هي آفريقا جو واحد ملڪ آهي ، جتي ڪنهن به يورپي طاقت جو ڊگهو قبضو برقرار نه رهيو. 1896ع ۾ هن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اٽليءَ جي حبشه سان ٿيل لڙائيءَ ۾ اٽليءَ کي شڪست آئي ، پر 1935ع ۾ اٽليءَ ايٿيوپيا تي ٻيهر حملي ذريعي قبضو ڪري ان کي پنهنجي سلطنت جو حصو بنايو. 1937ع ۾ هن ملڪ جو نالو ايٿيوپيا رکيو ويو. ٻي عالمي جنگ ۾ اٽليءَ کي شڪست اچڻ ڪري ان ملڪ کي آزادي ملي . ايٿيوپيا 1945ع ۾ گڏيل قومن جي رڪنيت حاصل ڪئي . سرد جنگ دوران ايٿيوپيا آفريقي ڪنڊ ۾ سوويت يونين جو اهم اتحادي بڻيو رهيو ۽ عالمي سياست ۾ وڏي توجه جو مرڪز رهيو


Remember Me Also:

ٻڌو مٽو

ظرف. اُڪو ، سَمورو. دوم شوم.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal