SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Abscess, dental

(click word to listen sound
  • 🔊
  • æbses
  • dentl
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Abscess, dental

ايب.سس ـ ڊين.ٽل

ڪنھن ڏند ـ پاڙ جي آسپاس واري ماس ۾ پونءِ ڀريل ڳوٿريءَ يا ڳڙه جو ھجڻ، جيڪو اتي جي پلپ (ڏند جي مرڪزي ڀانڊي) ۾ بئڪٽيريا جي روڳ پيدا ٿيڻ سبب پيدا ٿي ڏند جي اِنيمل (enamel) ۽ ڊينٽائين (dentine) کي تباه ڪرڻ سان پلپ تائين بئڪٽيريا رسي وڃي ٿي. ڏند کي ڌڪ لڳڻ سان به بئڪٽيريا پلپ تائين پھچي پوءِ پلپ وارو روڳ آسپاس واري ماس تائين پھچي ڳڙه پيدا ڪري ٿو. ڳڙه، مھارن جي بيماريءَ (periodontal disease) سبب به پيدا ٿي سگهي ٿو، جنھن ۾ بئڪٽيريا ڏندن ۽ مھارن جي وچ ۾ پاڪيٽن/ٿيلهين جي صورت ۾ گڏ ٿي وڃن ٿا. متاثر ڏند ڏکڻ/ ڌنوڻ لڳي ٿو، عام طور تي چڪڻ يا چٻاڙڻ سان شديد سور ٿئي ٿو. اھڙي ڏند جي مھار ڏکندڙ ھجڻ سان گڏ ڳاڙھي ۽ سڄيل به ٿي سگهي ٿي. اھڙي ڳڙه جو علاج نه ٿئي ته آخرڪار، سائنِس (لنگهه) تباه ڪري، ڄاڙيءَ رستي مھار جي مٿاڇري تائين رسي ڳوڙھيءَ جي صورت ۾ ظاھر ٿي پوي ٿو. ڳڙه جي واڌ ڪرڻ سان ڳچيءَ ۽ منھن جي پاسي وارا غدود سڄي وڃن ٿا ۽ بخار به ٿي سگهي ٿو. علاج طور پونءِ خارج ڪرڻ کانپوءِ متاثر ڏند جو روٽ ڪئنال (root-canal) علاج ڪجي ٿي ته ورلي متاثر ڏند ڪڍي ڇڏڻو پوي ٿو. پڪريز، متاثر ڏند کان ٻاھر وگهري ويو ھجي ته اينٽيبياٽڪ (antibiotics) دوائون ڏيڻيون پون ٿيون. جيئن ته مھار ۾ پونءِ گڏ ٿيل ھجي ٿي تنھنڪري ڏندن جو ڊاڪٽر ان جي عام طور تي علاج طور پڪريزي مادي کي صاف ڪري ڇڏي ٿو.


Remember Me Also:

چوڻ کان ٻاهر هجڻ

هدايت يا فرمان نه مَڃِڻ. حد کان وڌيڪ هجڻ ، بي انداز هجڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal