
ڦرڙي، ناسور، ڳڙه
Abscess
ايب.سس
ڦرڙي، ڳڙه، پونءِ وارو ماس. روڳي جيوڙن خاص طور تي بئڪٽيريا سبب پيدا ٿيندڙ پونءِ (pus). پونئِدار مادو جسم جي ڪنھن به عضوي ۽ چمڙيءَ ھيٺان ڪنھن به نرم ٽشوءَ يا ماس ۾ گڏ ٿي سگهي ٿو. ان جي عام ھنڌن ۾ شامل ٿين ٿا ڪڇ، ڇاتيون (ڏسو، breast abscess)، چڏا ۽ مھارون (ڏسو، abscess dental). ورلي متاثر ٿيندڙ ھنڌ ٿين ٿا جيرو (liver abscess) ۽ دماغ (brain abscess).عام طور تي اسٽيفائيلوڪوڪسي (staphylococci) جھڙا عام بئڪٽيريا گهڻي ڀاڱي پونءِ پيدا ڪري وجهن ٿا جڏھن ته پونءِ ڦنگي روڳن سبب به پيدا ٿي سگهي ٿي ته اميبائون (amoebae) جيري جي پونءِ پيدا ڪرڻ جو اھم ڪارڻ ٿين ٿيون (ڏسو، amoebiasis). عام طور تي روڳي جيوڙا، رت جي دوري رستي اندرين عضون تائين پھچي وڃن ٿا يا ڪنھن ڦٽ جي چمڙيءَ مان گهڙي پھچن ٿا. ڪا به ڦرڙي سور پيدا ڪري سگهي ٿي جنھن جو مدار ان ڳالهه تي ٿئي ٿو ته اھا جسم ۾ ڪھڙي ھنڌ تي پيدا ٿئي ٿي. وڏيون ڦرڙيون بخار، پگهر ۽ اَھنجائپ ته چمڙيءَ جي ڀرسان واريون عام طور تي ڳاڙھاڻ ۽ سوڄ پيدا ڪن ٿيون. عام طور تي انھن جي علاج لاءِ اينٽيبياٽڪ (antibiotics)، اينٽي ڦنگل (antifungal)يا اميبيسائيڊ (amoebicide) دوائون مناسب ٿين ٿيون. ڪيترين ڦرڙين جي پونءِ خارج ڪرڻ ضروري ٿئي ٿي (ڏسو، drain, surgical) ته ورلي منجهن ڪا نلڪي به وجهي ڇڏجي ٿي ته جيئن منجهانئن پونءِ خارج ٿيندي رھي. ڪيتريون ڦرڙيون پنھنجو پاڻ ڦاٽي پونءِ خارج ڪري ڇڏين ٿيون. ورلي، ڪنھن رئيس (vital) عضوي جي ڪا ڦرڙي آسپاس ۾ گهڻيءَ حد تائين ماس کي نقصان پھچائي عام رواجي ڪم کي دائمي متاثر ڪري ڇڏي ٿي يا موت جو ڪارڻ به بڻجي ٿي.
ڳئي کوڙڻ
وِيهَڻُ. ٿڪَڀڃڻ ، وسرام ڪرڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal