
Abdominal pain
ايب.ڊا.منل ـ پئن
پيٽ جو سور. پيٽ جو ھلڪو ڦلڪو سور عام طور تي ھٻڇ ڪري کائڻ، گهڻي الڪوحل واپرائڻ ۽ دستن سبب ٿئي ٿو. پيٽ جي ھيٺين حصي ۾ عام طور تي ماھواريءَ ته ورلي، اينڊوميٽريوسس (endometriosis) جھڙي زناني مسئلي سبب ٿي پوي ٿو. سسٽائيٽِس (cystitis) پيٽ ۾ اھنج يا سور پيدا ڪرڻ جو عام ڪارڻ ٿئي ٿو. مثاني جو، پيشاب جي رڪاوٽ سبب آفرجڻ به پيٽ جو سور پيدا ڪري سگهي ٿو. قولنج (colic) سور، ھر چند منٽن کانپوءِ ڪنھن نه ڪنھن اندرين عضوي جي مشڪائين مروٽ، ان ڪوشش ۾ پوي ٿو ته جيئن ان ٻنج يا رڪاوٽ جھڙوڪ پٿريءَ يا سوزش کي ختم ڪري سگهجي. قولنج جو حملو گهڻو شديد ته ان سان گڏ الٽي به ٿي سگهي ٿي (ڏسو، abdomen acute). پيپٽڪ السر (peptic ulcer) عام طور تي وري وري ٿي پوندڙ ۽ بيزار ڪندڙ ٿئي ٿي. پيٽ جي سور پوڻ جا ٻيا ممڪن ڪارڻ ڪيترا روڳ جھڙوڪ: پائيلونيفرائيٽس (pyelonephritis) ۽ اِسڪيميا (ischaemia رت جي رسد جو بند ٿي وڃڻ) ٿين ٿا، جيئن والويولس ( volvulusآنڊي جي وڪڙ) جي حالت ۾ رت نليون بند ٿي وڃن ٿيون. جڏھن ڳوڙھيون/ ڳوڙھا پيٽ جي ڪنھن عضوي کي متاثر ڪن ٿا ته به سور پوي ٿو. پريشانيءَ سبب به پيٽ ۾ سور پئجي سگهي ٿو. عام طور تي پيٽ جي ھلڪي سور جي حالت ۾ ڪپڙي ۾ گرم پاڻيءَ جي بوتل ويڙھي متاثر ھنڌ تي رکڻ سان فائدو ٿئي ٿو. پيپٽڪ السر سبب پوندڙ سور کي عارضي طور تي کاڌي کائڻ يا ائنٽاسڊ (antacid) دوائن رستي گهٽائي سگهجي ٿو. جيڪو پيٽ جو سور، الٽيءَ ڪرڻ سان به گهٽجي نه سگهي، 6 ڪلاڪن کان ڊگهي عرصي تائين ھلي يا سور سان گڏ پگهر اچن يا بيھوشي ٿئي تڏھن ان جي ترت طبي تدارڪ جي ضرورت ٿئي ٿي. تڏھن به ترت ڌيان ڏيڻو پوي ٿو جڏھن سور سان گڏ الٽيون ٿينديون رھن، الٽيءَ ۾ رت ايندي ھجي يا ڪرفتي (faeces) ۾ رت جا نشان ھجن يا ڪاري ھجي. ڪنھن به ڪارڻ کانسواءِ وزن جو گهٽجڻ يا پيٽان ويھڻ جي نيمن ۾ ايندڙ تبديليءَ جي به سدائين ڇنڊڇاڻ ڪرائڻ گهرجي. پيٽ جي سور جي جاچ لاءِ الٽراسائونڊ اسڪيننگ (ultrasound scanning) ۽ سي ٽي اسڪيننگ (CT scanning) ۽ اينڊواسڪوپي لاءِ گئسٽرواسڪوپي (gastroscopy)، ڪولونواسڪوپي (colonoscopy) يا لئپئرواسڪوپي (laparoscopy) به شامل ٿي سگهي ٿي.
ڳهلائڻ
مصدر. ڪاهل ٿيڻ، سست ٿيڻ، ڍرو ٿيڻ ، غافل ٿيڻ ، الغرضائي ڪرڻ. بي خيالو ٿيڻ ڳَهَلايو ، ڳَهَلائِيندو، ڳَهَلايَلُ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal